بخت نصر
قديم زماني جي هڪ سرڪش حڪمران جو نالو، جيڪو بابل جو -بادشاهه- هو ۽ جنهن يروشلم کي ٻه دفعا تباهه ڪيو هو. هن کي ”نبوڪد نصر“ به چوندا آهن. هن عيسويءَ سال کان 562 سال اڳ وفات ڪئي. پنهنجي عهد حڪومت ۾ مصري فوج کي، جيڪا فرعون جي ڪمان هيٺ هئي، شڪست ڏنائين. 597 ق. م ۾ هن يهوديه جي -بغاوت- کي ختم ڪري، ’صدقياه‘ کي -تخت- تي ويهاريو. -بخت نصر- جي دور ۾ -بابل- کي عروج حاصل ٿيو، جنهن جا هن وقت محل، مندر ۽ کوهن وغيره جا آثار کوٽائي ڪري نروار ڪيا ويا آهن.[1]