بختاور ڌيءَ غلام قادر پليجو ۽ -اختر بلوچ-، 2 سيپٽمبر 1976ع تي حيدرآباد ۾ -جنم- ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم. اي ڪئي اٿس. سندس سڃاڻپ هڪ شاعره ۽ آرٽسٽ جي حيثيت سان آهي. شاعريءَ ۾ -آزاد نظم- سندس پسنديده صنف آهي. هن ڪيترائي خوبصورت -آزاد نظم- لکيا آهن ۽ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون اٿس. هن وقت ناپا (NAPA) ڪراچيءَ ۾ ڊرامي جي فن تي تربيت وٺڻ سان گڏ اتي تدريس جو ڪم پڻ ڪري رهي آهي. سندس ڀيڻ سَسئي پليجو، -ثقافت- ۽ سياحت جي صوبائي وزير آهي.[1]

حوالا سنواريو