بحث:قائم الدين ڪنڀار

(بحث:Qaimuddin Kunbhar کان چوريل)
تازو-ترين تبصرو: عنوان قائم الدين ۾ 8 ڏينهن پهرين پاران قائم الدين

قائم الدين

سنواريو

هن موضوع کي بهتر ترتيب ڪيئن ڏجي&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 04:46, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

محترم قائم الدين صاحب توھان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀليڪار چئون ٿا. اميد آھي تہ توھان ھتي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندئو. توھان جڏھن ڪو مضمون لکو تہ ان کي ھن طرح سان فارميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيئن تہ توھان موبائل ويب استعمال ڪري رھيا آھيو، ان لاءِ توھان کي صلاح ڏبي تہ موبائل ويب جي بجاءِ ھيٺ نظر ايندڙ ڊيسڪٽاپ لفظ تي ڪلڪ ڪريو تہ جيئن توھان ڪمپيوٽر جيان وڪيپيڊيا کي موبائل تي استعمال ڪري سگهو. ان کان پوءِ جيڪڏھن توھان ذريعو سرجيو جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا تہ ان سنوارگاھ ۾ ھن طريقي سان سنوار ڪري سگهجي ٿي.
مثال: مھتاب احمد سنڌي ھڪ سنڌي وڪيپيڊين آھي ۽ ھن جو تعلق سکر شھر کان آھي. ھن جو اصل نالو مھتاب احمد سولنگي آھي پر ھن سنڌي ٻوليءَ سان چاھ جي ڪري پنھنجي ذات جو لفظ ھٽائي اتي سنڌي ھڻڻ پسند ڪيو.[1]
اھڙي طرح ٽولبار ۾ ڏنل مختلف اوزارن کي استعمال ڪندي توھان موضوع کي اڳتي وڌائي سگهو ٿا. مثال توھان سرخين جو استعمال ڪري سگهو ٿا. جھڙوڪ:

ننڍپڻ

سنواريو
مھتاب احمد جو ننڍپڻ پنھنجي ڳوٺ والس آباد بڊي ۾ گذريو. جيڪو شڪارپور ضلعي ۾ ھڪ ڳوٺ آھي.
اميد آھي تہ توھان جي ڪجهہ نہ ڪجهہ رھنمائي ٿي ھوندي. وڌيڪ ڪو مخصوص سوال ھجي تہ ضرور پڇو. مضمون لکندي پنھنجي راءِ نہ ڏيو، نہ ئي ڪنھن شخص لاءِ ادبي لفظ جھڙوڪ مشھور، خاص، پھريون نمبر وغيرہ نہ استعمال ڪندا. دعائون بہ ڪنھن جي لاءِ نہ لکيون وڃن. اھڙي طرح ڪا اھم ڳالھ ڪرڻ کانپوءِ حوالو ضرور ڏيو. مھرباني&#32؛مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 12:18, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

قائم الدين

سنواريو

آئون وڪيپيڊيا تي پهريون ڀيرو مضمون لکي رهيو آهيان انهي ڪري مون کي مضمون جي ترتيب ۽ ڊزائين ڏيڻ نہ ٿي اچي مهرباني ڪري منهن جي رهنمائي ڪندا&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 12:31, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

مان توھان جي ٺاھيل مضمون کي ترتيب ڏيان ٿو، اميد آھي تہ توھان سمجهي ويندئو.&#32؛مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 12:34, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

قائم الدين

سنواريو

سائين مون وٽ هڪ مضمون نہ ناهي بلڪي جام مضمون آهن انهي ڪري مون کي طريقو ٻڌايو تہ آئون بہ سکي وٺان&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 12:42, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

ھڪ دفعو ھن تريب ٿيل مضمون کي ڏسو توھان جي گهڻي رهنمائي ٿي ويندي.&#32؛مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 13:02, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

قائم الدين

سنواريو

سائين اوھان بلڪل صحيح ترتيب ڏني آهي پر مون کي هڪ رهنمائي وٺڻي آهي تہ هن مضمون ۾ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪريان&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 13:45, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو

تصوير اپلوڊ ڪرڻ لاءِ ھي لنڪ استعمال ڪريو. ياد رھي ان ويبسائيٽ جو ڊيسڪٽاپ ورزن پاڪستان ۾ نہ ٿو ھلي.&#32؛مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 16:12, 14 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو
سائين وڪيپيڊيا تي موضوع جو نالو ڪيئن تبديل ڪجي؟&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 04:17, 20 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو
جيڪڏھن توھان ڊيسڪٽاپ ورزن استعمال ڪريو ٿا تہ مٿي سوانح ڏسو جي ڀرسان وڌيڪ جو آپشن ھوندو ان کي ڪلڪ ڪندا تہ چوريو جو ڳنڍڻو ايندو ان کي ڪلڪ ڪري صفحي جو نالو مٽائي سگهجي ٿو.&#32؛مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 05:16, 20 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو
ادا اوھان جي مھرباني&#32؛قائم الدين (ڳالھ) 15:40, 20 جُونِ 2024 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو
  1. مثال، ڪو بہ حوالو ڏيو.
صفحي "قائم الدين ڪنڀار" ڏانھن واپس ٿيو.