@مھتاب احمد سنڌي، Kaleem Bhatti، ۽ Intisar Ali: هي مضمون ڪنهن به ريت وڪيپيڊيا طرز تي ناهي ۽ سمورو مواد فيس بڪ تي ونڊيل هڪ پوسٽ تان ڪاپي پيسٽ ڪيل آهي هن کي ڊانهڻ لاءِ توهان جي ڇا راءِ آهي.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 18:09, 9 جنوري 2020 (UTC)

@JogiAsad: ڊاھڻ جو جواز پاڻ وٽ نہ آھي ڇو جو ھي عنوان معروف آھي، البتہ نقل ڪيل مواد ۽ ادبي مواد کي ختم ڪرڻ بھتر رھندو.--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 18:49, 9 جنوري 2020 (UTC)
موضوع ڀلي معروف آهي پر هي وڪيپيڊيا پاليسيز (ڪاپي پيسٽ، ناحوالا، وڪي طرز تي نه هئڻ) جي ٽڪراءَ ۾ اچي ٿو، تنهنڪري اهو پاليسيز موجب ڊانهي سگهجي ٿو. ٻيو ته هن مضمون ۾ اصغر ساگر نالي واپرائيندڙ جنهن اهو ڪاپي پيسٽ مواد شامل ڪيو آهي انهيءَ جا ٻيا سمورا مضمون پڻ اهڙي نوعيت جا آهن جن ۾ وڪيپيڊيا جي مٿي ڄاڻايل پاليسيز جي خلاف ورزي سميت هي پنهنجو نالو پڻ مضمونن ۾ اندر لکي ٿو، جڏهن ته وڪيپيڊيا تي ڪم ڪيئن ڪجي ان حوالي سان هتي سنڌي وڪيپيڊيا تي مدد صفحا ۽ پاليسيز، سبق موجود هئڻ سميت سنڌي وڪيپيڊيا فيس بڪ پيج ۽ يوٽيوب چينل تي پڻ رهنمائي مواد ۽ وڊيو ونڊيا ويا آهن. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هي مضمون سنواري سُڌاريو وڃِي ته ان لاءِ توهان ۽ ٻيا رضاڪار هن مضمون کي سنواري سُڌارو آڻين ٻئي صورت ۾ هي مضمون ڊنهڻ کانپوءِ ٻيهر وڪي طرز تي لکي سگهجي ٿو. مهربانيونجوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 09:36, 10 جنوري 2020 (UTC)
@JogiAsad: ڊاھڻ کانپوءِ ٻيھر بہ تہ ضرور مضمون کي ٺاھڻو پوندو نہ، بھتر آھي تہ مضمون کي وڪي طرز تي آندو وڃي.--مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 17:02, 10 جنوري 2020 (UTC)
مَضمون کي انگريزي وڪيپيڊيا تان مواد جي ترجمي سان بهتر بڻايو وڃِي.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 18:05, 10 جنوري 2020 (UTC)
صفحي "ڊي اين اي" ڏانھن واپس ٿيو.