بحث:عربي-سنڌي صورتخطي

هن بحث واري صفحي تي اسان بحث ڪنداسين ته سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌي لفظن جي هِجي ڪيئن ڪجي. ڪيترائي لفظ آهن جيڪي سنڌيءَ ۾ هڪڙي هِجي سان نه لکيا ويندا آهن. مختلف ماڻهو ۽ ادارا مختلف هجي استعمال ڪندا آهن. تنهنڪري هڪڙي هجي ۽ لکڻيءَ تي متفق ٿيڻ سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ گهڻو ضروري آهي. يوزر:نظاماڻي

هي دو چشمي سنواريو

هي دو چشمي (ڪوڊ 06BE) اردو ۾ استعمال ٿيندي آهي. ماجد ڀرڳڙي صاحب جي جوڙيل سنڌي ڪيبورڊ ۾ به شامل آهي (شفٽ + I). هن جي صرف آخري شڪل عربي هي کان مختلف آهي.

ڀرڳڙي صاحب جي جوڙيل فانٽن (۽ بعد ۾ ٻين فانٽن) جي ڪري، اڄ ڪلھ جتي لفظ جي آخر ۾ هي دو چشمي اچڻ گهرجي ها، اتي ٻه دفعا هي لکجي ٿي، جنهن ڪري لفظ جي هجي بدلجيو وڃي. مثال طور، ڪالھ جي بجائي لکبو آهي ڪالهه، شاھ جي بجائي لکبو آهي شاهه.

ڇا اهو صحيح آهي، يا اسان کي سنڌي وڪيپيڊيا تي هي دو چشمي استعمال ڪرڻ گهرجي؟ هڪ ٻيو طريقو جيڪو پڻ موجوده طريقي کان بهتر آهي، اهو آهي هي کان پوءِ اڻي ڏيڻ (اردو واري هي). جهڙوڪ: ڪالهہ، شاهہ، وغيره. پر ان سان سنڌي فانٽ استعمال ڪرڻ وارن کي مسئلو ٿيندو (انهن کي اهي اکر هيئن نظر ايندا: ڪالهه، شاهه).

صفحي "عربي-سنڌي صورتخطي" ڏانھن واپس ٿيو.