هروڀر ڳالهه کي مونجهاري ۾ نه وجهڻ گهرجي جڏهن قائداعظم جو صفحو ٺهي تڏهن اتي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته جناح اصل ۾ جيڻا آهي. باقي عام فهم نالو نه هٽايو وڃي ته بهتر آهي. حوالا مون استعمال ڪيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن دوست کي اعتراض آهي ته پوءِ جناح جي پير صاحب جي وڪالت واري واقعي سميت حوالو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ ڏنل حوالن ۾ ”جناح“ لکيل آهي نه ڪي ”جيڻا“ جيئن هتي تبديل ڪيو ويو. Alixafar 19:58, 4 آڪٽوبر 2006 (UTC)

قائد اعظم سنواريو

جڏھن محمد علي جيڻا تي صفحو لکيو ويندو تڏھن ان تي اھو ڄاڻائي سگھجي ٿو تھ غير سنڌي حلقا سندس نالو جناح ڪري لکي رھيا آھن ۽ اھو تھ کيس قائد اعظم جو لقب ڪنھن ۽ ڪڏھن ڏنو. لاڳاپيل صفحي تي ئي بحث ڪري سگھجي ٿو تھ ڪھڙيءَ ريت پاڪستان جي حڪمرانن سندس ڄم جو ھنڌ بھ مٽائي ڇڏيو آھي تھ سندس روايتي لباس بھ. لاڳاپيل صفحي تي ئي ڪنھن شخص جي چڱاين ۽ اوڻاين تي بحث ڪري سگھجي ٿو تھ ھُو ڏنل لقبن تي ڪيترو پورو لٿو ۽ ڪيترو نھ. باقي جيستائين ٻين مضمونن ۾ سندس حوالو ڏبو تھ لقبن سان نھ پر صرف سندس نالي سان، جيئن اھو سنڌيءَ ۾ لکجڻ گھرجي. ‌‌Aursani 09:36, 5 آڪٽوبر 2006 (UTC)

مون کي عرساڻي نالي همراهه سان ڪو به بحث ناهي ڪرڻو، ڇاڪاڻ ته هو وڪيپيڊيا جو ايڊمن آهي ۽ آخري ڳالهه سندس ئي هوندي، نيٺ هن وٽ اهو اختيار به آهي ته صفحي کي پروٽيڪٽ ڪري ڇڏي، منهنجو چوڻ رڳو ايترو آهي ته عام فهم نالو ”جناح“ آهي، ”جيڻا“ وغيره ڪونه آهي تنهنڪري بهتر هو ته جناح ئي لکيو وڃي ها ڇاڪاڻ ته مون جيڪي حوالا استعمال ڪندي مضمون تيار ڪيو آهي انهن ۾ جناح لکيل آهي جيڻا نه.. سنڌي ۾ چيو ويندو آهي ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ سو مون کي هتي بحث ڪرڻ جو ڪوبه لاچار ڪونهي، منهنجو مطلب ڪم سان آهي.. جيڪڏهن دليل نه هجن ته پوءِ طاقت ئي آخري فيصلو ڪندي آهي! Alixafar 19:23, 5 آڪٽوبر 2006 (UTC)

جناح يا جيڻا سنواريو

محمد علي جناح جي والد جو نالو جيڻا هو ۽ ڏاڏي جو پونجا ڀائي. سندس پڙ ڏاڏي جو ميگهه ۽ تڙ ڏاڏي جو هيرا جي.

جڏهن محمد علي جو پيءُ تاجر ٿي ڪراچي جي شهر ۾ آيو ته هن پنهنجي نالي کي جيڻا مان جناح جو روپ ڏنو. وقت جو اهو ئي تقاضو هو. ان کي پاڻ اسٽينڊرڊ شيپ (Standard Shape) چوندا آهيون. اصل جيڻا يا جناح گجراتي لفظ آهي جنهن جي معني ڳريو (سڪل، سنهڙو) آهي. يا ائيئ ئي سمجهو ته جناح جيڻا جي بگڙيل صورت آهي.

--مهراڻ مڱريو 17:55, 19 ڊسمبر 2007 (UTC)

صفحي "حر تحريڪ" ڏانھن واپس ٿيو.