بت
بُت يا صنم هڪ تصوير يا مادي شيء هوندي آهي جيڪا ڪنهن خدائي جي نمائندگي ڪندي آهي جنهن جي نالي مذهبي پرشتش ڪئي ويندي آهي۔ عام زندگي م بُت اهڙي شيء کر چيو ويندو آهي جنهن جي انڌي ستائش، تعظيم ۽ عقيدت ڪئي وڃي۔
بدن، جسم، -پٿر-، مٽيءَ، ٽامي، پِتل وغيره مان ٺهيل بوتو. هيءُ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو -ٽن- معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي: مندر، پگوڊا ۽ ٻُڌ، ڪنهن به بُت جي لاءِ ضروري ناهي ته اُهو ٻُڌ جو ئي هجي. پگوڊا جي معنيٰ ۾ -ان- جي استعمال جو نمايان مثال ”عجائب الهند“ ۾ ملي ٿو. الجاحظ، المسعوديءَ، البيرونيءَ ۽ شهرستانيءَ جهڙن مصنفن به ”بُت“ جي معنيٰ -ٻڌ- يعني گوتم ٻُڌ ڪئي آهي. ملتان جو پرهلاد مندر، جيڪو ”سون جي گهر“ جي نالي سان مشهور هو، -ان- جي -باري- ۾ المسعودي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هندن جي حساب موجب ٻڌ جو ظهور ڪروڙين سال پهرين ٿيو هو. البيرونيءَ کي -برهمڻ- -بت- جي -باري- ۾ ته سٺي معلومات هئي، ليڪن -ٻڌ- جي -باري- ۾ کيس خبر ڪانه هئي. علامه شهرستاني، -ٻڌ- ۽ اُن جي سکيا جي تعريف هن طرح ڪري ٿو ته ”-ٻڌ- هن ئي دنيا جو هڪ فرد آهي، جيڪو نه ته پيدا ٿئي ٿو، نه ڪي شادي ٿو ڪري، نه کائي پيئي ٿو، نه پوڙهو ٿئي ٿو، نه مري ٿو. پهريون -ٻڌ-، هجرت نبويءَ کان پنج هزار سال اڳ ظاهر ٿيو هو، -ٻڌ- جي پيروڪارن جو عقيدو آهي ته دنيا کي دوام حاصل آهي ۽ -انسان- پنهنجي اعمالن جي سزا جزا ٻي زندگيءَ ۾ حاصل ڪري ٿو.“ مسلمانن جي معلومات -ٻڌ- جي -باري- ۾ بلڪل ابتدائي هئي، تنهن هوندي به هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته -جبل- آدم (سرانديپ) جي -باري- ۾ -ٻڌمت- جي هن روايت کي قبول ڪيائون، جنهن موجب -جبل- آدم جي چوٽيءَ کي گوتم -ٻڌ- سان نسبت ڏني وئي. جيئن اڳ ذڪر اچي چڪو آهي ته ”ٻُڌ“ لفظ ڪڏهن ڪڏهن ”-بت-“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. الجاحظ، ”بدُکُويرُ“ کي ”ڪُوير جو بُت“ سمجهي ٿو. صاحب ”-اخبار- الصين والهند“، ’بُد‘ کي ’بُت‘ ٻڌائي ٿو، جنهن جي هندستان ۾ پوڄا ڪئي وڃي ٿي ۽ -ان- تي ناريون صدقو ڏينديون آهن. ’الدمشقي‘ -ان- جو حال صحيح طرح سان قلمبند ڪيو آهي، ۽ خاص اُن پوڄا واري شيءِ ( يوني ۽ لنگم) کي ”بُد“ چيو آهي.[1]
حوالا
سنواريو ھي سلجهائپ صفحو بت جي عنوان سان لاڳاپيل مضمونن جي فھرست رکي ٿو جيڪڏھن ڪنھن اندرين ڳنڍڻي توھان کي ھتي آندو، تہ توھان ڳنڍڻي کي گھربل مضمون ڏانھن اشارو ڪرڻ لاءِ تبديل ڪرڻ جي خواھش ڪري سگھو ٿا. |