باچا خان يونيورسٽي تي حملو

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ٻن شاگردياڻين سميت 25 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 60 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پاڪ فوج جي آپريشن ۾ 4 ئي دهشتگرد مارجي ويا.

تفصيل سنواريو

اربع 20 جنوري 2016 چارسده جي باچا خان يونيورسٽي ۾ قومپرست اڳواڻ باچا خان جي ورسي جي موقعي تي مشاعرو جاري هو ته اوچتو فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڌماڪن جا آواز پڻ ٻـُڌا ويا.

فائرنگ ۽ ڌماڪن کانپوءِ يونيورسٽي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ شاگرد پنهنجي ڪلاسن، جڏهن ته شاگردياڻيون هاسٽل تائين محدود ٿي ويون. صوبائي وزير شوڪت يوسف زئي جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 25 ڄڻا شهيد ٿيا آهن، جن ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد حامد، سيد ڪمال، عمران، شيراز، ساجد، الياس، فخر عالم، حامد حسين، احمد ڪمال، رحمان الله، عبدالحميد، حيدر علي، صديق الله، نعمت خان ۽ ٻيا شامل آهن. شوڪت يوسف زئي موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ 2 شاگردياڻيون، 4 سڪيورٽي گارڊ ۽ 2 پوليس اهلڪار به شهيد ٿيا آهن. ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جِي انتظاميا موجب، شهيد ٿيلن مان 21 ڄڻن جا لاش آندا ويا آهن. دهشتگردن جي حملي ۾ چئن سڪيورٽي گارڊن سميت 60 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن ۾ عاصم، خالد حسين، ذاڪر حسين، محمد اسحاق، سمعيع الله، احسان الله، حضرت حيات، محمد اقبال، شهزاد افتخار، جنيد ۽ ٻيا شامل آهن. دهشتگرد حملي جي زخمين کي چارسده ۽ مردان اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمي جو علاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر افضل الرحيم موجب، حملي وقت يونيورسٽي اندر 3 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد ۽ 600 مهمان موجود هئا، جڏهن ته فائرنگ ٻاهران کان ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪوهيڙي سبب ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ٿي سگهي ٿو ته دهشتگرد ڪوهيڙي جو فائدو وٺي اندر داخل ٿيا هـُجن. ڌماڪن ۽ فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ايليٽ فورس ۽ فوج کي طلب ڪري يونيورسٽي کي گهيري ۾ آندو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي دستن باچا خان يونيورسٽي ۾ ريسڪيو آپريشن ڪيو، جنهن جي هيليڪاپٽرن ذريعي نگراني پڻ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران يونيورسٽي تي حملو ڪندڙ 4 ئي دهشتگرد مارجي ويا. ڊي آءِ جـِي آپريشنز سعيد وزير موجب، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 3 اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن.

سوڳ سنواريو

ٻئي طرف خيبرپختونخواه حڪومت چارسده سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ ۽ مقامي انتظاميا 31 جنوريءَ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽئي ڏينهن قومي جهنڊو پڻ جهڪيل رهندو[1]

مذمتون سنواريو

آمريڪا جي مذمت سنواريو

آمريڪا چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙِ ۾ پاڪستاني عوام ۽ شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهيون، پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني پاران ٽوئٽر تي جاري ڪيل نياپي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا چارسده ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، ٽوئٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي همدردي حملي ۾ نشانو بڻيلن ۽ سندن ڪٽنبن سان آهي. [2]

انڊيا جي مذمت سنواريو

ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، ٽوئٽر تي جاري ڪيل نياپي ۾ نريندر مودي چيو ته چارسده سانحي ۾ ٿيل جاني نقصان تي کيس افسوس آهي ۽ هو زخمين لاءِ دعاگو آهي، ڀارتي وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن لاءِ تعزيتي نياپو پڻ اماڻيو آهي.[3]

واقعي کان پوءِ سنواريو

خميس 21 جنوري 2016 خيبرپختونخوا جي آئي جي ناصر دراني جو چوڻ هو ته چارسدا جي باچا خان يونيورسٽي تي حملي ڪندڙن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو.[4]

حوالا سنواريو