بانڪا
لکنؤ ۾ جڏهن زوال آيو ۽ حاڪم طبقن مان سچ پچ زنده رهڻ ۽ وڙهڻ جي پهچ نڪري وئي، هو سماجي طرح سُڃا ٿي پيا ۽ ڪنهن به حقيقي سورهيائيءَ واري ڪارنامي جي لائق نه رهيا، تڏهن منجهن بانڪن جو رواج پيو. انهن بانڪن جو مکيه مقصد هو بي مقصد “نواڻ” پيدا ڪرڻ. ان “نواڻ” جي پٺيان انهن مان ڪي اڌ مٿي کي پاڪي هڻايو ۽ اڌ مٿي تي ڪلهن تائين ڊگها وار رکايو گهمندا هئا. ڪي مُڇ جو هڪڙو پاسو چَٽ ۽ ٻيو سڄو سارو رکيو پيا هلندا هئا. ڪي فقط ململيون پايو، تهه سيارن ۾، شهر گهمندا هئا ۽ اونهاري ۾ اُن جا گڊلا پايو، نٽهڻ اُس ۾ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ نڪرندا هئا. مطلب ته پنهنجي ذاتي ۽ سماجي ڏيوالي کي لڪائڻ لاءِ، ڪئين رنگ ڪندا هئا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: سندي ذات هنجن, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-27
- ↑ بانڪا : (Sindhianaسنڌيانا)