باندر ڦول
باندر ڦول هڪڙو يڪ – سالو ولايتي گل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ مانڪي فلاور (يعني گل ڀولڙو) چون ٿا. ڪتابي نالو مئيميولس (Mimulus strictus) اٿس. هن جو ٻوڙو ويٺل ٿو ٿئي، گل وڏا، سهڻا، وات پٽيل نارنگيءَ ۽ قرمزيءَ رنگ جا ڪندو آهي. ڪن ۾ ته چيٽي جهڙا سونهري پيلي رنگ جا دٻڪ دٻڪ ٿيندا آهن. ڪي وري ٽامي جي رنگ جا ۽ کهنبا گل ڪندا آهن.[3] هي يڪ – سالو باغ جي لاءِ تمام چڱي سوکڙي آهي. ٻج تمام سهڻو ٿيندو اٿس، تنهنڪري واريءَ سان ملائي چپٽيون ڀري ڪونڊين يا پاٽن ۾ پوکجي، جن ۾ مٽيءَ سان ججهي واري ملائڻ گهرجي. پاٽن ۾ مٿان پاڻي نه وجهجي. جڏهن مٽي سڪي وڃي تڏهن ڪا خالي وڏي پاٽ پاڻيءَ سان ڀري، تنهن ۾ گل واري ننڍي پاٽ کڻي رکجي، جيسين ڪ هيٺئين ٽنگ مان مٽي ڀڄي وڃي. جڏهن سلا وڏيرڙا ٿين تڏهن ڪڍي هڪڙو هڪڙو جدا ڪَونڊيءَ ۾ رکجي. ڪونڊين مٽائڻ مان هنن کي فائدو پهچي ٿو. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.[3]
باندر ڦول | |
---|---|
اسڪاٽلينڊ ۾ اريٿرينٿ پيريگرينا جو گل | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | فرائميشيا |
قسم جنس | |
اريٿرينٿ ڪارڊيلنلس (ڊوگلس اڳوڻو بينٿم) | |
هم معنيٰ[1] | |
مميولس sect. اريٿريٿ (اسپاڪ) گرين ، بل.ڪيلفورنيا اڪيڊمي آف سائنس 1: 108.1885 |
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "Index Nominum Genericorum (Plantarum) 1996". Smithsonian Institution. حاصل ڪيل 4 February 2017.
- ↑ "The International Plant Names Index". The International Plant Names Index. حاصل ڪيل 4 February 2016.
- ↑ 3.0 3.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو