باندر وڏو ڀولڙو. ڀولڙن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان باندر ”تمام ذهين“ قسم جو هوندو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ باندر جو نسل ڪونہ ٿئي، پر وڏي ڀولڙي کي عام طرح ”باندر“ چوندا آهن. اپکنڊ ۾ باندر يا وانر جا ٻہ خاص قسم آهن، هڪ سونھري وارن وارو Rhesus ڀولڙو جيڪو هماليہ جي ٻيلن جبلن ۾ عام آهي ۽ جيڪو اڪثر ڀولائي فقير بازارن ۾ نچائيندا آهن. ۽ ٻيو قسم لنگور سڏجي ٿو جنھن جو منھن ننڍڙو ۽ ڪارو ۽ پڇ ڊگهو هوندو آهي. هي باندر ڪافي مضبوط سنهڙو ۽ ڦڙت ٿئي ٿو. هندو لوڪ وانر (باندر) کي ’هنومان‘ سان نسبت ڏيندا آهن. هنومان کي رام جو ڀڳت هئڻ سبب ديوتائي حيثيت مليل آهي.[1]

حوالا سنواريو