بالي لاهور جي هيرا منڊيءَ جي مشهور ڳائڻي هئي، هن جو پورو نالو اقبال بيگم هو ۽ عام طرح هوءَ ’بالي‘ جي نالي سان معروف هئي. لاهور جي هيءَ مشهور ڳائڻي اڪثر نوابن ۽ رئيسن جي تقريبن ۾ ڳائڻ لاءِ ويندي هئي. سندس حسن جي هاڪ -ٻڌي- خيرپور جو مير علي نواز ’ناز‘ مٿس عاشق ٿي پيو، عشق به اهڙو جنهن کي واقعي عشق چئجي. بالي، مير صاحب کي پنهنجي عشق ۾ اهڙو ته گهايل ڪري ڇڏيو جو هوءَ جڏهن لاهور هلي ويندي هئي ته مير صاحب مجبور ٿي وڇوڙي ۾ غزل ۽ ڪافيون ويهي لکندو هو. باليءَ سان مير صاحب 24-1923ع ڌاري شادي ڪئي. شاديءَ کان اڳ مير صاحب کي ڏاڍا ڪشالا ڪڍڻا پيا. وڏي محنت کان پوءِ باليءَ جا ڀائر بَبو خان ۽ فيروز خان راضي ٿيا ۽ باليءَ به ڳالهه مڃي. شاديءَ ۾ مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مهمانن لاءِ ڪئمپون لڳي ويون، گرميءَ جو زمانو هو، تنهنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، -جن- تي -پاڻي- ڇڻڪاريو پئي ويو ته جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي -اسٽيشن- واري ڦاٽڪ کان وٺي شهر تائين يڪي ميدان ۾ لانڍيون ۽ ڪئمپون لڳايون ويون. مير علي نواز خان جي رهائش ۽ شاديءَ جي تقريب لاءِ خاص لانڍيون به انهيءَ ميدان ۾ ٺاهيون ويون. لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ مان 80 کن طائفا گهرايا ويا، -جن- جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايون ويون. بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ناچ، گانا، آتشبازيون، مشاعرا، قصيده خوانيون، وڏن ماڻهن ۽ آفيسرن جون دعوتون، مطلب ته وڏا انتظام ڪيا ويا. مختيار بيگم امرتسريءَ شادي جي موقعي تي خاص -ٺمري- ڳائي. ”مين توسي ناهين بولون ري!“ ڪيترا ڏينهن مجلسون هلنديون رهيون ۽ شاهي خزانو بيدرديءَ سان لُٽايو ويو. هڪ ٻي روايت مطابق مير علي نواز ولي عهد ٿيڻ کان پوءِ ولايت گهمڻ ويو ۽ ولايت کان سير تفريح ڪري اچڻ بعد سندس والد مير -امام- بخش سندس شاديءَ جون تياريون شروع ڪيون. خاندان مان رشتو طئي ڪيو ويو. شاديءَ واري ڏينهن رياست ۾ چلهه -ٻارڻ- جي اجازت نه هئي، سڀني لاءِ شاهي کاڌو عام هو. رسم شروع ٿي. آخر ۾ هڪ ڳائڻي (بالي) اڳتي وڌي آئي، ڏسڻ وارن کيس ڳائڻي نه پئي سمجهيو. اها ڳائڻي جڏهن اسٽيج تي آئي، تڏهن شاهي خاندان جي فرد مير علي نواز جون -اکيون- -ان- جي چهري -تان- هٽيون ئي نه پئي. ڳائڻ وڄائڻ جي محفل کان پوءِ جڏهن نڪاح جو وقت ويجهو آيو ته مير علي نواز خان پنهنجي پيءُ جي هٿ تي هٿ رکي نهايت آهستگيءَ سان چيو ته، ’بابا! آءٌ شادي ڪندس ته -ان- ڳائڻيءَ سان ڪندس‘. مير -امام- بخش -ان- پريشانيءَ جي عالم ۾ هڪدم ڏاهپ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجي شال ڳائڻي جي ماءُ آڏو اڇلائي حڪم ڪيائين ته هنن کي حرم سرا ۾ وٺي وڃو. -ان- بعد پنهنجي پٽ سوڌو اندر اچي کانئس وعدو ورتائين ته ’ٺيڪ آهي تون پهرين ڀلي هن سان نڪاح ڪر، ليڪن بعد ۾ توکي طئي ٿيل خانداني ڇوڪريءَ سان به نڪاح ڪرڻو پوندو‘. مير علي نواز راضي ٿيو. نڪاح بعد مير -امام- بخش پنهنجي نُنهن کي ”هر رائل هائينيس“ جو خطاب عطا ڪيو. اهڙيءَ طرح بالي هڪ ڳائڻيءَ مان ملڪه اقبال بيگم بنجي وئي. مير علي نواز 35 ڊسمبر 1935ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو، سندس وفات کان پوءِ باليءَ گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ 1967ع ۾ گذاري وئي. سندس گذارڻ کان پوءِ سندس لاش کي به ڪربلا معليٰ ۾ مير علي نواز ’ناز‘ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.[1]