بالو جا قبا

تاريخي قبرستان

بالو جا قبا (Baloo Ja Quba) ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل بلاول زرداريءَ جو مقبرو آهي، جنهن جي وفات 800 ھجري ۾ ٿي ۽ جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو.

بالوءَ جو مقام، ديھ 23 داد، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (ھاڻي شهيد بينظيرآباد ضلعو) جي، حاجي مٺي خان زرداري ڳوٺ کان اٽڪل 2 ڪلو ميٽر اولھ ۾ آھي. جڏهن ته زوار ڪوڙي جو ڳوٺ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾، ٻانڌي-نواب شاھه روڊ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ۽ نواب شاھه شھر کان اٽڪل 12 ڪلو ميٽر ڏکڻ-اوڀر ۾ آھي. ھي ماڳ ويڪرائي ڦاڪ "94'12°60 اتر ۽ ڊگھائي ڦاڪ '56"80°21 اوڀر تي واقع آھي.

بالوءَ جو مقبرو ڊيگھ ۽ ويڪر ۾ 6.60x6.60 ۽ اوچائيءَ ۾ 13 ميٽر آھي. ان جي اڏاوت ۾ چيرولي، پڪيون سرون، سيمنٽ، گارو ۽ شيشو استعمال ٿيل آھي. مقبرو چورس رٿيل آھي. لنگھ اوڀر طرف وڌاوڙي نموني ونگيل در (corbel arched) سان آھي، دروازو ڪاٺ جو لڳل آھي. وڏو کڻ ونگو (Recessed Arched) پانيل ۽ اندر تي ھڪ مستطيل پانيل لنگھ وٽ ٺھيل آھي. مھاڙيءَ کان سواءِ ٽن پاسن تي 15 عدد مستطيل پانيل ٽن قطارن ۾ ٺھيل آھن. ڪنڊن وٽ ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. مھاڙيءَ ۾ ڪنگرن کان سواءِ چار برجيون ٺھيل آھن، جن کي وري چار دريون ڏنل آھن. اٺڪنڊي ڳچ کي چار روشندان ۽ اٺ برجيون ۽ ھر پاسي سيمنٽ جون ڄاريون لڳل آھن. ڳچ جي مٿان اڌ گول گنبذ ۽ ان جي مٿان ڪاشيءَ جو ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ جي ٻاھران شيشي جو ڪم ٿيل آھي. گنبذ جو نمونو ھوسانگ جي مقبري، جيڪو منڊو (Mandu) ۾ سال 1440ع ۾ ٺاھيو ويو ھو، جھڙو آھي. مقبرو پانيلن سان ھر پاسي سينگاريل آھي. ڇتين تي ٽي عدد مستطيل پانيل به ٺھيل آھن. مٿي ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙ ٺھيل آھن، جيڪي مقبري کي اٺڪنڊو گچ ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اندران مقبرو ڳچ سان پلستر ٿيل آھي. حجري ۾ ٻه قبرون ماربل جون ٺھيل آھن.

بلاول زرداريءَ جي قبر تي ڪتبو لڳل آھي. هيءُ ڪلھوڙن جو جنگي جرنيل ۽ سفارتڪار ھو. مقبري جي سنڀال ھئڻ ڪري تمام سٺي حالت ۾ آھي. حڪومت 89-1988ع ۾ ھتي ڪجهه مرمت جو ڪم به ڪرايو آھي. هنجي نالي سان "بلاول انسٽيٽيوٽ" قائم ٿيل آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.[1]