بال
بال نالو انگريزي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ رائج ٿيو. بال اڪثر رٻڙ مان ٺهندو آهي، جنهن ۾ ٽپ کائڻ يا ٿيڙ کائڻ جي خاصيت هوندي آهي. بال هيمشه گول هوندو آهي، پوءِ چاهي اهو ننڍو هجي يا وڏو. البت هرهڪ راند جي بال جي بناوت جدا جدا ٿيندي آهي. جيئن ته ٽينس راند جي رئڪيٽ سان کيڏڻ وارو بال ننڍي لڏونءَ يا ننڍي ڏاڙهونءَ جيترو ٿيندو آهي. اندران رٻڙ جا تهه هوندا اٿس ۽ مٿان بَج وارو ڪپڙو چڙهيل ٿيندو اٿس. سٺو بال چين ۾ ٺهندو آهي. سنڌ ۾ رٻڙ واري انهيءَ بال کي ’سَت کَلو‘ بال به چوندا آهن.
ڪرڪيٽ جو بال اندران ڪاڪ (ٻوچ) جي ذرن جو گولڙو هوندو آهي، جنهن مٿان سُتلي ويڙهيل ۽ صفا مٿان چمڙي جو تهه چڙهيل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح پنگ پانگ، ٽيبل ٽينس، والي بال ۽ فٽ بال جا بال جدا جدا مواد جا ۽ جدا جدا ماپ جا ٿيندا آهن. سنڌ ۾ اڳ راند روند ۾ کيڏڻ وارو بال جدا جدا قسمن جو هوندو هو، جيڪو اڳڙين ٽڳڙين کي ويڙهي مٿان آنڪ جي ڀرت واري ڄاريءَ سان بند ڪري ڇڏبو هو. انهيءَ قسم جي بال کي ”ڏڙهو“ يا ”کينهُون“ چوندا هئا.[1]