باغ محمد بيشڪ جوکيو
ناميارو سگهڙ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. جنگشاهي ريلوي -اسٽيشن- (ضلعي ٺٽي) کان -اتر- طرف ڪوهستاني علائقي ۾ 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مشهور تاريخي ڳوٺ ”مالماڙيءَ“ ۾ 1908ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو نالو سکيو خان ۽ ڏاڏي جو نالو جان محمد هو. ذات جو جوکيو ۽ پاڙي جي لحاظ کان کان ڪليپوٽا -جانواڻي- آهي. ناميارو سگهڙ ۽ شاعر سونهارو فقير جوکيو، -باغ- محمد جو چاچو هو. باغ محمد ’بيشڪ‘ معمولي پڙهيل لکيل -انسان- هو. صرف ابتدائي ٽي درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول جاتيءَ (-ٺٽي-) ۾ پڙهيو، -جتي- پنهنجي مامي وسند خان وٽ رهندو هو، جيڪو -ان- وقت (برٽش دؤر ۾) پوليس کاتي ۾ ملازم هو،. ديني -تعليم- جنگشاهيءَ جي مُلا مڪتب ۾ پڙهيو، -جتي- سندس -استاد- حاجي دلمراد جوکيو هو. علائقي جو نيڪ مرد رئيس وليداد خان سندس هم مڪتب هو. سگهڙ باغ محمد بيشڪ جي تعليم ۽ تربيت ۾ سندس وڏي ڀاءُ صوبيدار ناٿي خان جانوآڻيءَ جو اهم ڪردار هو، جنهن کي نه صرف (برٽش دور جي) بهادر پوليس آفيسر طور بلڪه تقرير ، تحرير، قبائلي ريتن رسمن تي ٻڌل علاقائي ،ملڪي توڙي بين الاقوامي قانون جي ماهر، لوڪ ادب جي ڄاڻوء ، تاريخ ۾ سند، جذبه حب الوطنيءَ سان سرشار ۽ هڪ مڃيل سماج سڌار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو هو، شاعر ۽ سگهڙ باغ محمد بيشڪ کي پڻ اهي سڀيئي خوبيون پنهنجي وڏي ڀاءُ ناٿي خان جانوآڻيءَ وٽان مليون. هن کي 20 سالن جي عمر ۾ جاتيءَ ۾ ڪنهن نازنين سان نينهن لڳو. انهيءَ مستيءَ واري ڪيفيت ۾ شاعري شروع ڪيائين ۽ مجاز جون حدون ٽپي حقيقت جي منزل تي پهتو.سندس ڪلام ۾ غزل ، ڪافيون، ڏوهيڙا ، بيت ، مناظرا ،مولود ، مداحون ، حمد ، نعت ۽ منقبت، شامل آهن، سندس ڪلام کي سهيڙي ڪليات بيشڪ جي نالي سان هڪ مجموعو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس پونئيرن وٽ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. -باغ- محمد اتڪل 75 ورهين جي ڄمار ۾ 26 فيبروري 1984ع مطابق/27 جمادي الاول 1404ھ تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه سندن آبائي قبرستان، جنگشاهي پير، لڳ جنگشاهي ريلوي -اسٽيشن- تي آهي.[1]