باغ علي خان خائف
باغ- علي خان ’خائف‘ 12 صديءَ هجري جو، سنڌ جو فارسي شاعر ٿي گذريو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي -تحقيق- ۽ -تصنيف- ’تڪملة التڪملة‘ (سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو آخري دور) ۾ -باغ- علي خان ’خائف‘ بابت ڄاڻايو آهي ته: ”-باغ- علي خان جي زندگيءَ جو احوال دستياب نه ٿي سگهيو آهي، البته سندس -تصنيف- ’نامه مغز‘ ملي ٿي، جيڪا 12 صدي هجريءَ ۾ لکي وئي. هو سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي (وفات 1167ھ/1753ع جو نوازيل شخص هو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو ۽ ’خائف‘ تخلص رکندو هو. خائف، فردوسيءَ جي شاهنامي جي -بحر- ۾ ڪلهوڙن جي منظوم -تاريخ- نامه مغز، نالي 1155ھ/1742ع ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ نادر شاهه جي قتل واري سال 1160ھ/1747ع ۾ لکي پوري ڪئي، ’نامه مغز‘ ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي، ميان دين محمد ڪلهوڙي، ميان يار محمد ڪلهوڙي، سندس فرزند ميان مير محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شان ۾ مواد موجود آهي. -ان- کانسواءِ ”نامه نغز“ ۾ -باغ- علي خائف نادر شاهه افشار ۽ درانين جي ڦرلٽ جا اکين ڏٺا احوال قلمبند ڪيا آهن ۽ آخر ۾ نادر شاهه جي قتل واري واقعي کي بيان ڪري ڪتاب لکي پورو ڪيائين. يعني هي مثنوي 1155ھ/1742ع کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ 1160ھ/1747ع ۾ لکي پوري ڪيائين -تاريخ- سنڌ ڪلهوڙا دور ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته، ”-باغ- علي خائف پنهنجي هن مثنوي کي -ٽن- حصن ۾ ورهايو آهي، مثنوي جي پهرين حصي ۾ 4048 شعر، ٻئي حصي ۾ 817 شعر ۽ ٽئين حصي ۾ 384 شعر موجود آهن، يعني سڄي مثنوي ۾ ڪل 6249 شعر موجود آهن، سندس مثنويءَ مان خدا -آباد- بابت هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو: هوا خوش دل و باغيان دلپذير خدا -آباد- شهر -است- -جنت- نظير ] خدا -آباد- جو شهر سچ پچ -جنت- جو نمونو آهي، هن شهر جي هوا دل کي خوش ڪري ٿي ۽ هن جا -باغ- دل وندرائيندڙ آهن[ .[1]