باطن : الباطن (انگريزي: Inner) يا (انگريزي: Hidden) باطن جو خيال قرآن سان تعلق رکندڙ آهي. باطن عربي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جو ابتڙ لفظ ظاهر يا الظاھر آهي[1]. ڪنھن اندروني يا لڪل حقيقت جي خيال ھميشه مذھبي مفڪرن ۽ عارفن کي مختلف مذھبي روايتن ۾ الجھيل رکيو آھي. اھڙي خيال کي عربي ۾ باطن چون ٿا[1]. اھو مقدس ڪتاب جي تشريح لاءِ اھم ھوندو آھي. باطن خدا جو صفاتي نالو پڻ آهي جيڪو ظاھر نہ ھوندي بہ ھر ھنڌ آھي.

سني اسلام ۾ باطن سنواريو

سني مڪتبه فڪر وارا قرآن جي تشريح ڪرڻ ۾ ان جي ظاھري مطلب يا معنيَ کي اھميت ڏيندا آهن[1].

شيعه اسلام ۾ باطن سنواريو

شيعه عالمن جي خيال مطابق ظاھري معنيَ تہ ھوندي آھي جيڪا وقت گذرڻ سان تبديل پڻ ٿيندي رھندي آھي پر ان سان گڏوگڏ باطني معنيَ بہ ھوندي آھي جنھن ۾ ابدي سچائي ھوندي آھي[1]. درحقيقت قرآني توضيح يا تشريح تاويل ذريعي ڪري اھي اسلام کي سمجھڻ لاء ڪجهه بنيادي اصولن جي حق ۾ آھن جن سان اھي قرآن جي باطني مفھوم ۽ علامتي معنيَ اخذ ڪن ٿا[1]. سورة آل عمران جي آيت نمبر 7 ۾ خدا محڪمات ۽ متشابھات آيتن جو ذڪر ڪيو آهي. سنين جو خيال آهي تہ رڳو محڪمات آيتن جي تشريح ٿي سگھي ٿي جيڪي الله ۽ سني عالم ڪري سگھن ٿا. شيعه اسلام ۾ خيال آهي تہ خدا شيعن جي معصوم امامن کي متشابھات آيتن جو باطني مطلب اخذ ڪرڻ لاء انھن جي تشريح جو علم تحفي ۾ ڏنو ھو[2][1]. انھن جو خيال آهي تہ سورة الفاتحه ۾ فقرو صراطِ المستقيم، قرآن جي سورة نمبر 64 جي آيت نمبر 8 ۾ فقرو خدا جو نور، ۽ سورة 9 نمبر جي آيت نمبر 119 ۾ ايل فقرو سچ وارا 0 انھن امامن ڏي اشارو ڪن ٿا. سورة نمبر 91 جي آيتن 1 ۽ 4 ۾ لفظ سج ۽ چنڊ حضرت محمد صہ ۽ حضرت علي رضه ڏي اشارو ڪن ٿا[1].

اسماعيلي خيال سنواريو

اسماعيلي شيعن، جن کي ستن امامن وارا شيعا چوندا آهن، سڀ کان پھريون اٺين صدي عيسويءَ ۾ قرآن جي باطني مطلب جي خيال جي پرچار ڪئي[1]. ان خيال مطابق اسماعيلين جو چوڻ ھيو تہ محمد صه دنيا ۾ قرآن جو ظاھري مطلب ٻڌائڻ لاءِ آيو پر امامن جي ذميداري اھا ھئي ته اھي قرآن جو باطني مطلب سمجھائن[1].

صوفين جو خيال سنواريو

صوفي بہ قرآن جي باطني مطلب جي ڳالھ ڪندڙ آھن. انھن جي خيال مطابق باطني علم خدا کين الھامي طريقي سان ڏئي ٿو يا وري کين مرشد ذريعي ملي ٿو. اھي باطن لاء امامن واري خيال کي نہ ٿا مڃن[1]، صوفين جو خيال آهي تہ ھر شخص جي اندر ھڪ روحاني دنيا وارو باطن آھي[3][4] .

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 94,95
  2. Radtke, B. "BĀṬEN". Encyclopedia Iranica. حاصل ڪيل 9 July 2014. 
  3. Daftary, Farhad (2000). Intellectual traditions in Islam New York: St. Martins Press. ISBN 186064760X. p. 90.
  4. Gleave, Robert (2011). Islam and literalism: Literal meaning and interpretation in Islamic legal theory. Edinburgh: Edinburgh University Press. ISBN 0748631135. Page 64.