بازھر
بازهر (Bezoar ) هڪ قسم جو قيمتي پٿر، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هر قسم جي زهر لاءِ ترياق ٿئي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ هن پٿر کي ”پازهر“ به چون ٿا. مشهور ڪيميادان ووهلر (1800ع کان 1882ع) ۽ ٻين سائنسدانن جي تحقيق موجب، هي پٿر، بازهر نالي ٻڪر جي پتي مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. اهڙي پٿر جو بيان سڀ کان پهرين ارسطو پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيو هو. ارسطو ته بازهر جا مختلف رنگ به بيان ڪيا هئا. ساڳئي وقت اهو به ٻڌايو هو ته چين، هندستان ۽ ڪجهه ٻين اوڀر وارن ملڪن ۾ به هي پٿر ملي ٿو. مشهور مسلمان سائنسدان جابر بن حيان بازهر کي ”ترياق“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. هن اهو به ڄاڻايو آهي ته هن پٿر مان ٻيون به ڪيتريون ئي دوائون تيار ڪري سگھجن ٿيون. ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪهڙي به زهر جو اثر ٿيندو هجي ته ان کي هي پٿر کارائجي. هي پٿر کائڻ کانپوءِ ان ماڻهو کي ترت گھڻو پگهر اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. جنهنڪري زهر جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. ”زهر مهره“ نالي پٿر ۾ به بازهر جھڙيون خوبيون چيون وڃن ٿيون.[2]
باشھر Bezoar | |
---|---|
بازھر پٿر جا ڏاڍا ڪارائتا قسم ٿيندا آهن جيڪي مرضن کي ختم ڪرڻ جون صلاحيتون رکندڙ آھن[1] | |
اچار | |
مھارت | emergency medicine |
فاد زهر کاڻي (نالا: ع. ترياق حجري، ف. ترياق کوهي، هه. وغيره پادزهر، حجر اسم ۽ لاذج.) هي گول داڻو جوهردار بيضوي شڪل تي پردا پردا ٿئي ٿو، جبلن جي کاڻين مان لڀندو آهي.
طب
سنواريوخاصيت: سڀني معدني ۽ حيواني زهرن لاءِ ترياق آهي. معدي، جگر ۽ دماغ کي طاقت ڏئي ٿو. گڙدن ۽ مثاني جي ضعف کي هٽائي ٿو، رت کي صفا ڪري ٿو، مني زياده ڪري ٿو. سوداوي بيمارين ۾ مفيد آهي.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ (1603) 79 ER 3
- ↑ بازهر : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو۔