ٺٽي شهر جي مشهور بازار، جيڪا ترخانن جي دور ۾ ٺٽي شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ هئي. ٻاهران جيڪي ماڻهو شهر ۾ داخل ٿيندا هئا، -تن- کي هن -بازار- مان لنگهڻ کانسواءِ ٻيو گس نه هوندو هو، تنهنڪري هندو واپارين کي انهيءَ علائقي مان گذرڻ تي تڪليف ٿيندي هئي، جو عام طرح هن -بازار- ۾ ڳائي گوشت جو گهڻو وهنوار هو. نواب مريد خان، جيڪو نئون مسلم هو، -ٺٽي- شهر ۾ آيو، تڏهن هن شهر جي قاضي محمد حسين ڏانهن پيغام موڪليو ته مون سان گڏ راجپوت گهڻي تعداد ۾ آهن، تنهنڪري في الحال احتراماً گوشت جي -بازار- -بند- ڪرائجي. پر قاضي صاحب گوشت جي دڪانن -بند- ڪرائڻ بجاءِ دڪانن کي وڌيڪ سينگارڻ جو حڪم ڏنو. مجبور ٿي نواب صاحب کي، راجپوت لشڪر سميت انهيءَ -بازار- مان لنگهي حاڪم ڏانهن وڃڻو پيو.[1]

حوالا سنواريو