بارسلونا
بارسلونا (Barcelona ):اُتر -اوڀر- اسپين جو شهر -بارسلونا-، -ڀونوچ سمنڊ- جي ڪناري تي، -اسپين- جي قديم تاريخي، ثقافتي ۽ عيسائي -بشپ- جي مرڪز طور به مشهور آهي. هن شهر جي -آدمشماري- 50 لک کان وڌيڪ ٿيندي. رومين جي دؤر ۾ هيءُ شهر -اتر- -اوڀر- -اسپين- جي گاديءَ جو هنڌ هو. هي شهر سڀ کان پهرين ڪارٿيج وارن -آباد- ڪيو هو. هتي جا پراڻا آثار هن شهر جي قدامت جا مظهر آهن. 713ع ۾ مسلمانن هتي قبضو ڪيو. ليڪن 90 سالن بعد 801ع ۾ فرانس جي مشهور فاتح شارليمين جي پٽ لوئي پهرئين، هي شهر مسلمانن کان خالي ڪرائي ورتو، پر 856ع ۾ وري مسلمانن هن تي قبضو ڪيو. سن 1706ع ۾ ارل آف پيٽر برو هتي پنهنجو قبضو ڄمايو. سن 1808ع ۾ فرانس جي مشهور فاتح نيپولين بونا پارٽ هتي قبضو ڪيو. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو، -اسپين- ۾ فوجي -انقلاب- آندو ته 1938ع تائين هن شهر تي زبردست بمباري ٿيندي رهي، جنهنڪري هزارين ماڻهو مري ويا. 1992ع ۾ -بارسلونا- اولمپڪ رانديون هتي ڪرايون ويون. هيءُ شهر فن، موسيقي، -ثقافت- ۽ حسن سبب سڄي -اسپين- ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو. خوبصورتيءَ جي لحاظ کان پورو -بارسلونا- صوبو سڄي يورپ ۾ مشهور آهي. هتي جو پڪاسو ميوزيم ڏسڻ وٽان آهي. هتي ڳرين مشينن، آٽو موبائيل، دوائن، ريشمي ۽ اوني ڪپڙي جا ڪيترائي ڪارخانا قائم ڪيل آهن. -بارسلونا- جي پراڻي حصي ۾ رومي ۽ اسلامي طرز تعمير جا ڪئين نمونا موجود آهن.[1]