بادشاھ خاتون ڪِرمان جي ”قراختائي“ گهراڻي جي ڇهين حاڪم يا ملڪہ هئي، ۽ ”صفوة الدين“ جي لقب سان مشهور آهي. هوءَ قطب الدين جي ڌيءُ هئي. ڏاڍي فاضل ۽ قابل، شاعره ۽ خوش نويس هئي. هن کان اڳي، سندس ڀاءُ ”سيور غتمش“ بادشاھ هو، مگر سن 603ھ (1206ع) ۾ هيءَ خاتون، پنهنجي ڀاءُ کي ماري پاڻ تخت تي ويٺي، ۽ اٺ سال بادشاهي ڪيائين. نيٺ ”سيور غتمش“ جي زال لشڪر وٺي مٿس ڪاهي آئي، ۽ کيس شڪست ڏيئي، سندس ڀاءُ جي قصاص ۾ قتل ڪيائينس. هيٺيان بيت بادشاھ خاتون جا آهن[1]:

درون پردهء عصمت ڪہ تڪيہ گاهِ من است،
مسافرانِ هوا راگذر بہ دشواري است،
هميشہ باد سرِ زن بزيرِ مقنعہ...
ڪہ تارو پود وي از عصمتِ نڪو ڪاري است.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛ پھريون ايڊيشن 1958ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)}