بادشاهي مسجد سال 1673ع ۾ اورنگزيب عالمگير لاهور ۾ ٺھرائي۔[1] هي عظيم الشان مسجد مغلن جي دور جو هڪ شاندار مثال آهي ۽ لاهور جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.[2] هي پاڪستان جي ٽين وڏي مسجد مان هڪ آهي، جنھن ۾ هڪ ئي وقت 60 هزار ماڻھو نماز پڙهي سگھن ٿا.[3] ھن مسجد جي اڏاوت جو انداز جامع مسجد دهلي سان ڪافي ملندڙ آهي جيڪا اورنگزيب جي پيء شاهجهان سال 1648ع ۾ ٺھرائي هئي.

بادشاهي مسجد، لاهور

بادشاہی مسجد

بادشاهي مسجد، لاهور

جاگرافيائي بيھڪ: 31°35′17″N 74°18′34″E / 31.58806°N 74.30944°E / 31.58806; 74.30944مڪانيت: 31°35′17″N 74°18′34″E / 31.58806°N 74.30944°E / 31.58806; 74.30944
مقام لاھور، پنجاب، پاڪستان
معلومات طرزِ تعمير
طرز تعمير Indo-Islamic, Mughal
گنجائش 100,000
تعداد گنبذ 3
تعداد مينار 8
مينار جي اوچائي 226 ft 4.5 in (68.999 m)
تعميراتي مواد Red sandstone, marble

سال 1799ع ۾، سک سلطنت جي رنجيت سنگھ جي حڪومت دوران، مسجد جي صحن کي گھوڙن جي اصطبل طور استعمال ڪيو ويو ۽ ان جي حجرن کي سپاهين جي ڪوارٽر طور استعمال ڪيو ويو. جڏهن برطانوي سلطنت سال 1846ع ۾ لاهور تي قبضو ڪيو ته ان کي سال 1852ع تائين فوج جي گیریزن طور استعمال ڪيو ويو، بعد ۾ بادشاهي مسجد اٿارٽي قائم ڪئي وئي ته جيئن ان جي بحاليءَ لاءِ عبادت گاهه جي طور تي نگراني ڪئي وڃي. اهو هاڻي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ شاندار جڳهن مان هڪ آهي.[4]

هندستان جو ڇھون مغل بادشاه اورنگزيب سڀني مغل بادشاهن کان وڌيڪ مذهبي هيو۔هن پنھنجي ماٽيلي ڀاء مضفر حسين جي نگراني ۾ تعمير ڪرايو. 1671ء کان 1673ء تائين مسجد جي اڏاوت کي ٻه سال لڳا. مسجد کي شاهي قلعي جي سامهون تعمير ڪيو ويو.

بادشاهي مسجد-، لاهور جي هڪ تاريخي ۽ خوبصورت مسجد آهي، جنهن جو شمار دنيا جي وڏين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. هيءَ عاليشان مسجد شهنشاهه اورنگزيب جي هڪ -امير-، مير آتش فدائي خان جي نظرداريءَ هيٺ سن 1774ع ۾ جُڙي راس ٿي. مير آتش، شاهي توپ خاني جو داروغو هوندو هو ۽ -ان- نهايت دلچسپيءَ سان مسجد واري ڪم جي نگراني ڪئي هئي. -بادشاهي مسجد- جو آڳر 528 فوٽ ۽ 8 -انچ- ويڪرو آهي، جڏهن ته ڊيگھه 538 فوٽ ۽ چار -انچ- آهي. مسجد جي چئني ڪنڊن تي 143 فوٽ ڊگھا منارا ٺهيل آهن ۽ اها لاهور جي ”شاهي قلعي“ ڀرسان ٺهيل آهي، جنهنڪري دنيا جا سياح، شاهي قلعو ڏسڻ سان گڏ هن عظيم ۽ خوبصورت مسجد کي به ضرور ڏسڻ ايندا آهن. هن مسجد جي ڪشادگيءَ جو اندازو -ان- مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک کان به مٿي نمازي آسانيءَ سان نماز پڙهي سگھن ٿا. 1840ع واري زلزلي ۾ مسجد جي منارن کي ڪافي نقصان پهتو هو. مسجد تي سنگ مرمر جا ٽي عاليشان گنبذ ٺهيل آهن. مسجد جو مکيه دروازو به نهايت خوبصورت ٺهيل آهي. مسجد ۾ پهچڻ لاءِ مکيه دروازي وٽ 22 ڏاڪا ٺهيل آهن. جڏهن اها مسجد ٺهرائي پئي وئي ته زمين جي سطح هموار نه هئي، -ان- ڪري اها 15 فوٽ مٿي اڏرائي وئي. دروازي جي مٿاهين منزل ۾ تبرڪات رکيل آهن. مسجد جو هي دروازو شاهي قلعي جي بلڪل سامهون آهي. شروع ۾ وضو سارڻ جو انتظام پڌر جي وچ ۾ هوندو هو. جيئن عام طور تي مغل طرز تعمير جي ٻين مسجدن ۾ هوندو هو. بهرحال، وضوءَ واري حوض ۾ -پاڻي- کوهه مان ڀري وجھندا هئا، ليڪن هاڻي وضوءَ جو انتظام -اوڀر- طرف وارن حجرن ۾ ڪيل آهي. موجوده وقت ۾ مسجد جي رونق ۾ اڃا به اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن پنجاب ۾ سکن جي حڪومت قائم هئي ته انهن هن خوبصورت ۽ تاريخي مسجد کي گهوڙن جي اصطبل ۽ بارودخاني ۾ بدلائي ڇڏيو هو. انگريزن جي دور ۾ هيءُ مسجد ٻيهر مسلمانن کي واپس ملي، ابتدا ۾ رڳو جمعي جي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هئي.[5]

فن تعمير

سنواريو

سيد لطيف پنھنجي ڪتاب ۾ مسجد جو طرز تعمير ان حجاز ۾ موجود مڪي پاڪ جي هنڌ تي هڪ مسجد الوالد کان متاثر بيان ڪيو آهي. هندستان ۾ ٻين تاريخي مسجدن جي طرز تعمير جو غور سان جائزو ورتو وڃي ته هن مسجد جو طرز تعمير ڪافي حد تائين جامع مسجد فتح پور سيڪري سان ملي ٿو. دهلي جي مسجد جي نفاست بادشاهي مسجد کان وڌيڪ آهي.[6]

وقت جي گذرڻ سان گڏ مسجد کي گھڻين ئي وجهن جي ڪري نقصان پھتا. 1850ء کان مرمت جو ڪم شروع ٿيو، پر اها مرمت نامڪمل هئي.  مڪمل مرمت 1939ء ۾ شروع ٿي ۽ 1960ء ۾ مڪمل ٿي جنھن تي 48 لک رپيا خرچ آيا. هن مرمت کان پوء مسجد هڪ دفعو ٻيھر پنھنجي اصلي حالت ۾ واپس اچي وئي. جوں جوں وقت گزرتا گیا، مسجد کو متعدد وجوہات کی بنا پر نقصانات پہنچتے گئے۔

خاص واقعا

سنواريو
 
مسجد جو منظر، مينارِ پاڪستان جي طرف کان

22 فيبروري ، 1974ء تي لاهور ۾ منعقد ٿيل ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي 39 ملڪن جي سربراهن جمعي جي نماز هن مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي.

تصويرون

سنواريو
Various views of the Badshahi mosque. Clockwise from top: the mosque standing across the Hazuri Bagh from Lahore Fort; an internal view of the mosque; an evening silhouette; the tomb of Allama Iqbal, located north of the mosque's gateway; a panoramic view of the mosque; and a view of the mosque from the Alamgiri Gate.