سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ”-بادام ناتوان-“ جو -جنم- 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. -بادام ناتوان- جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي جي -باري- ۾ چيو هو ته: ”نالو -بادام- اٿم، جنهن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن ته هيءُ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي ته شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا -پٺاڻ- سرد موسم ۾ ايندا هئا، -جن- جون نياڻيون -تعليم- وٺڻ اينديون هيون، انهن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊمسٽريس هوندي هئي ۽ انهن مان هڪ نالو يعني ”-بادام-“ مون لاءِ منتخب ڪيائين.“ -بادام ناتوان- جي -تعليم- مئٽرڪ (-بمبئي يونيورسٽي-) هئي، پر سندس مطالعو وسيع هو. هن پنهنجو تخلص ”ناتوان“ -ان- ڪري رکيو، جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات’ناتوان‘ يعني ڪمزور آهي. هوءَ ”-بادام ناتوان-“ جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشهور ٿي. -بادام ناتوان- جي پهرينءَ -تصنيف- جو نالو ”شڪسته زندگي“ آهي. اهو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ڪتاب جو هرهڪ ڀاڱو اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل آهي. سندس ٻي -تصنيف- آهي ”خوش خصلت خاتون“. هن پهريون ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو، جنهن جون ٻه سئو ڪاپيون ۽ -انعام- به -ان- وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو. -بادام- جي -ٽين- -تصنيف- ”قلبي اُڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنهن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم تبصرو ڪيو هو. -ان- کان علاوه سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن. مرحومه پنهنجي ڀيڻ روشن آرا مغل جي وفات تي سندس سڪ ۾ هڪ رسالو ”تنهنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو. -بادام ناتوان-، سنڌي ادب جي پهرين عورت هئي، جنهن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو. -بادام ناتوان- کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ، -اردو-، فارسي ۽ -انگريزي- زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي. هن 8 فيبروري 1988ع تي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو