اختصار:
پ:مس

مائڪروسافٽ ڪارپوريشن آمريڪا جِي هڪ ڪمپني آحي جيڪا ونڊوز جي عملياتي نظام (Windows Operating System) ٺاهڻ جي ڪري مشهور آهي. هِن ڪمپني وٽ دُنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ۾ استعمال ٿيندڙ عملياتي نظام () تي هڪ هٽي آهي. هن ڪمپني جي ملازمن جو انگ 76،000 کان به وڌيڪ آهي جيڪي 102 مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندا آهن (انهن ملازمن جو گھڻو انگ آمريڪا جي رياست واشنگٽن جي شهر ريڊمنڊ ۾ آهي). ڪمپني جي ساليانه فروخت 44.28 ارب آمريڪي ڊالرن کان به وڌيڪ آهي. هن جي عملياتي نظامن کي ونڊوز جو عملياتي نظام شامل آهي جنهن جو نئون ورجن () ونڊوز 10 سال 2015 ۾ رليز ڪيو ويو آهي. هاڻ ونڊوز 11 پڻ اچڻ جا آثار آهن.