مائڪروسافٽ ايج يا صرف ايج (انگريزي ٻولي: Microsoft Edge، خفيا نالو: Spartan)، هڪ ویب برائوزر آهي جيڪو مائڪروسافٽ ونڊوز 10، ونڊوز 10 موبائل ۽ ايڪس باڪس لاءِ جوڙيو آهي. هن ویب برائوزر مائڪروسافٽ جي سمورن ڊوائيسز ۾، اڳوڻي ويب برائوزر انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي جاءِ ورتي آهي. مائڪروسافٽ مطابق هي هڪ هلڪو (گهٽ وزن) ویب برائوزر آهي،[4] هن ۾ ڪورٽانا ۽ ٻيون خصوصيتون پڻ شامل ڪيو ويون آهن.