بابو پليجو
تاريخ مظهر شاهجهاني-‘ ۾ يوسف ميرڪ ڄاڻائي ٿو ته: سنڌ ۾ -ترخان- دؤر کانپوءِ مغلن جو دؤر آيو، انهيءَ دؤر ۾ -بابو پليجو- زميندار هو ۽ گڏوگڏ مغل گورنرن ۽ صوبيدارن جو خوشامدي مخبر پڻ هو. جڏهن اسماعيل شوري ڌارين خلاف نقل و حرڪت شروع ڪئي، تڏهن -بابو- پليجي مخبري ذريعي مغلن جي وڏي مدد ڪئي. -بابو- پليجي جي جڏهن اسماعيل شوري کي خبر پئي تڏهن -ان- هن جي رهائشگاه تي حملو ڪيو، پر هي -بچي- ويو ۽ اسماعيل شورو هن جي -باغ- جي سڄي پوک کڻي ويو، انهيءَ -تان- -بابو- پليجي وڃي مغلن کان مدد گهري، جنهن کان پوءِ اسماعيل شوري ۽ مغل فوج ۾ -جنگ- لڳي، جنهن ۾ اسماعيل شورو وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. انهي مخبريءَ کان پوءِ -بابو- پليجي جو اثر و رسوخ مغلن وٽ وڌي ويو ۽ مغل گورنر مظفر خان معموري هن کي -انعام- اڪرام ڏنا. اڳتي هلي جڏهن مظفر خان معموريءَ کان پوءِ سيد بايزيد -بخاري- گورنر ٿي آيو ته هن هڪدم اسماعيل شوري جي بچيل ڪٽنب تي مغل فوج جو حملو ڪرائي انهن جي عورتن ۽ ٻارن سان گڏو گڏ اسماعيل شوري جي پٽ جهونجهار شوري کي به گرفتار ڪرايو. جهونجهار شورو قيد ۾ ئي مري ويو. -ٻٻر- ذات وارا بابُو پليجي جا مائٽ هئا، پر اهي هميشه هن کي ٽوڪيندا هئا ته تو اسماعيل شوري کي ڇو قتل ڪرايو؟ آخرڪار هن بايزيد -بخاري- جا ڪَن ڀري، پنهنجي مائٽن ٻٻرن تي مغل فوج جي چڙهائي ڪرائي ٻٻرن جا تقريباً سڀئي جوڌا جوان بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيا.[1]