بابونو (Camomile) پسارڪي وکر جو هڪ قسم، جيڪو تندن وانگر سنهڙيون ڪاٺيون ٿئي. هي اصل ۾ هڪ ٻوٽيءَ جو قسم آهي، جنهن جون تندون زرديءَ مائل سفيد رنگ تي ٿينديون آهن. هن ول جو گل خوشنما ۽ پن خوشبودار هوندا آهن. حڪيمن جي چوڻ موجب هي وکر دماغ کي تقويت ڏيندڙ آهي. مختلف بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو.[1]

German chamomile
Roman chamomile

هي هڪڙو ننڍو ٻوٽو آهي، جنهن مان تيل نڪرندو آهي. هي اصل عربستان جو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ ڪاموميئل يا عربي ڪامو ميئل ڪري سڏيندا آهن. گل ننڍڙا ٿيندا اٿس. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. بابونو (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو