بابل جا مذھب(انگريزي: Religions of Babylon ) بابل- جا ماڻهو گهڻن ديوتائن کي مڃيندا هئا. وڏن شهرن جا ديوتا وڏا سمجهيا ويندا هئا: مثلاً جڏهن بابل سڀني کان وڏي مرتبي وارو هوندو هو ته مردوڪ ۽ -بعل- ديوتائن جو سردار هو. پوڄاري بااختيار هوندا هئا. -بابل- جون شاندار تهذيبي رسمون، -جن- کي اسيريا (عراق) وڌيڪ چمڪايو، خط ميخيءَ جي تحرير ۾ محفوظ ڪيون وينديون هيون. -جن- ۾ آفرينش عالم، عالمگير طوفان، اشتر يا عشتار (ديوي) جي پاتال جو سير، ديوتائن ۽ بهادرن جا قصا هئا. -بابل-، مذهب جي معاملي ۾ سميري -تهذيب- جي اثر هيٺ هو ۽ -ان- جا وڏا وڏا منارا بلند آستانن تي سميرين جي پرستش جي ياد ڏياريندا هئا.[1]بابل جو مرڪزي سرپرست ديوتا مردوڪ ھيو جنھن جي شھر جي مندر ۾ پوڄا ڪئي ويندي ھئي. ھن جي نسبت پاڻي، ساوڪ، فيصلي ۽ جادو سان ڳنڍي وئي. [2] سارپنيت ديوي سندس زال سمجھي ويندي ھئي [3] ھن کي اينڪي ديوتا جو پٽ ۽ انو ديوتا جو وارث سمجھيو ويندو ھو.[4] جنھن جي سميري بہ پوڄا ڪندا ھئا. [5] [6] .

مردوڪ ديوتا ۽ ان جو اژدھا مشوسو
  1. بابلي مذهب : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. [John L. McKenzie, Dictionary of the Bible, Simon & Schuster, 1965 p 541.]
  3. Helmer Ringgren, (1974) Religions of The Ancient Near East, Translated by John Sturdy, The Westminster Press, p. 67.
  4. Arendzen, John. "Cosmogony". The Catholic Encyclopedia, 1908. Robert Appleton Company. حاصل ڪيل 26 March 2011. 
  5. C. Scott Littleton (2005). Gods, Goddesses and Mythology, Volume 6. Marshall Cavendish. p. 829. 
  6. Morris Jastrow (1911). Aspects of Religious Belief and Practice in Babylonia and Assyria. G. P. Putnam’s Sons. p. 38.