بابا بھار بخش خان

ڪٿڪ ڊانس ماسٽر -بهار- بخش خان ولد حاجي قـطـب الـديـن خـان 1902ع ۾ ريـاست -بيڪانير- هندستان ۾ -جنم- ورتو. -بهار- بخش خان طبلي وڄائڻ جي فن جي سکيا غلام حسين خان عرف گامي خان کان ورتي هئي، جيڪو دهلي گهراڻي جي بابا سڌار خان (طـبـلي نـواز) جـي اولاد مــان هــو. -بهار- بخش خان ڪٿڪ جي تربيت -بنارس- گهراڻي جي جانڪي پرڪاش کان ورتي. -بهار- بخش خان'>-بابا -بهار- بخش خان- طبلي جو تمام وڏو ماهر رهيو آهي، سندس گهڻو وقت سنڌ جي برک گائڪ ۽ راڳي خانصاحب خير محمد خان سان گذريو. -بهار- بخش خان'>-بابا -بهار- بخش خان- جا ڪيترائي شاگرد آهن، -جن- ۾ -استاد- مهر الدين خان ڪٿڪ، هزاري لال اگروال ڪٿڪ، سندس ننڍو -ڀاءُ- محمد صديق، مرحوم اڪبر حسين سمراٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪٿڪ ڊانسر شامل آهن. گنگا نگر، جگجيت ۽ چترا سنگهه، جــنــهـن فـتـح مـحـمـد جي اڪيڊميءَ ۾ سکيا ورتي، اهو فتح محمد پڻ بـابـا بـهـار بـخـش خـان جو شاگرد هو. فلم انڊسٽري جي ڊانس ڊائريڪٽر بابا عاشق حسين جو فرزند پڻ سندس شاگرد رهيو. بابا -بهار- بخش 22 -جنوري- 1979ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه فقير محمود بخاريءَ جي مزار پٺيان آهي.[1]

حوالا سنواريو