بابا بنکنڊي مھراج

مهراج بابا بنکنڊيءَ جو جنم 1763ع ۾ شري رامچند شرما گور برهمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس نالو ٻالچند رکيو ويو هو. نَوَن (9) سالن جي عمر ۾ ئي علم حاصل ڪري بَن (جهنگ) ڏانهن رخ ڪيائين. جيئن ته هن حياتيءَ جو گهڻو وقت اتي گذاريو هو، ان ڪري سندس نالو ٻالچند مان ڦيرائي ”بنکنڊي“ رکيو ويو.[1]

هي هندستان جي پٽيالا رياست جي مهاتما ميلارام کان سکيا وٺي سندس شيوڪ ٿيو. نيپال ۾ جتي سندس ڌوڻي آهي، اُتان ٿيندو، ٽالپرن جي دؤر ۾،بابا بنکنڊي مهراج 60 سالن جي عمر ۾ سال 1823ع ۾ سکر ۾ آيو. هو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي پنٿ هو. ”اداسي پنٿ“ مڃڻ وارو سڄي عمر شادي نه ڪندو آهي. هن کي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ساڌ ٻيلي واري ٽڪري ايتري ته وڻي وئي، جو اتي دونهين دکائي ويهي رهيو. توڙي جو هو سڄي سنڌ گهميو هو. هن ماڻهن کي ڪنهن به خاص پوڄا جي هدايت نه ڪئي، برعڪس ان جي هر ڪنهن کي آزادي هئي. ان جو پتو هن مان ملي ٿو ته بنکنڊي مهراج جي آستاني ساڌ ٻيلي ۾ اڄ تائين ڪيترن ئي قسمن جا مندر جوڙيل آهن، جن مان ديوي ماتا مندر، شو مندر (شوالو)، گڻيش مندر، هنومان مندر، وشنو مندر ۽ بابا سريچند جو مندر موجود آهن. بابا بنکنڊي مهراج سؤ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن وقت ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندو ڌرم وارن جو اهم تيرٿ آهي، جيڪو سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياهه جو ٻيٽ آهي.[1]

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.