بااثر حلقا، باخبر حلقا يا اَٽينٽِو پبلڪ (Attentive Public) جو اصطلاح اصل ۾ عام ِراءِ جي ڇيڻاڀور ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي. هيءُ اصطلاح، عام طور تي پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۾ رياست اندر علمي، ڳردار ۽ ڄاڻ ڀريو ورتاءُ رکندڙ حلقي جي اهميت بيان ڪري ٿو. هن حلقي ۾ سماج جو مٿيون حصو، جيڪو مملڪتي ڪاروبار هلائي ٿو، يا هيٺيون حصو (عوام) جنهن جو موقف ۽ سلوڪ وقت بوقت تبديل ٿيندو رهي ٿو، شامل نہ آهي. عام طرح سان اولھ جا ميڊيائي حلقا، اُن سان لاڳاپيل مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيندڙ مُختلف فرد/ ادارا ”باخبر حلقا“ سڏجن ٿا. اهي حلقا گهرو توڙي پرڏيهي معاملن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي، عوامي راءِ جوڙڻ ۽ عوامي راءِ کي حاڪم طبقن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. توڻي سندن پھچ ۽ انگ محدود هُجي ٿو. خاص ڪري ڪن مبصرن جي راءِ آهي تہ پرڏيھي يا رياستي معاملن ۾ خاص مفاد رکندڙ گروھ (Interest Groups) ۽ سياسي جماعتون فيصلا سازيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. پر ”باخبر حلقا“ بظاهر ان قسم جي دلچسپي نہ رکندي بہ، فيصلا-سازيءَ واري عمل سان اثرانداز ٿين ٿا ۽ سياسي قيادت جي فراهميءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اولھ جي مُلڪن يا خاص ڪري آمريڪا ۾ عوام طرفان سياسي معاملن ۽ پاليسي سازيءَ واري عمل ۾ گهَٽيل دلچسپيءَ کي ذهن ۾ رکندي، با خبر حلقا ”طاقت جي مرڪزن“ تائين، نہ رڳو عوامي خواهشن کي پھچائين ٿا، پر گڏوگڏ سندن سرواڻي ڪندي کين مُختلف مرحلن تي سولايون بہ ڏين ٿا.[1]

حوالا سنواريو