ڪيترن کي شايد لفظ بائٺ جي معنا ۽ مطلب جي خبر نه آھي. جڏھن ڪو مال اڌيرو ڏبو آھي ته ان کي بائيٺو چئبو آھي ۽ بائٺ جو مطلب اڌيري وارو عمل.


اجائي تڪڙ جيڪا ڪنهن مصيبت جو سبب بنجي سگهي. مثال جي طور تي جملو ڏسو: اخر ڪهڙي بائٺ ٿئي هئي؟

لاڙ طرف اڪثر گهر لَين جا ٺاهيا ويندا آهن ان لاءِ لَين کي وڍي سُڪڻ ڏبو آهي، جيئن اهي سُڪي ٻورو ڇاڻي وٺندي آهي ته گهر جي ڀتين ٺاهڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي، لين جي انهيءَ سڪل حالت کي به “بانئٺ“ چيو ويندو آھي.


سنڌي ڪتابن ۾ يا ڊڪشنرين ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي، ميڙَ تي آيل ماڻهو ، مِنٿائُو ”بائُٺ مُڙس = ميڙ تي آيل ماڻهو“. معنا (ڀائيچاريءَ جي منٿ، ميڙ، ميڙ منٿ قافلو) به ڏنل آھي.

ڪيترن ئي هنڌن تي ان جي معنا (سام، ڪنهن وٽ پناھ ۾ آيل) به ٿيل آھي. ان جو دليل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ”جنگنامه) ۾ به ملي ٿو، جنهن ۾ اهو لفظ سام يا پناھ وٺندڙ جي لاءِ استعمال ٿيل آهي. هڪ ٻي جاءِ تي اهو نالو به لکيل ڏٺو ويو، مثال جي طور تي؛ (بائٺ خان).

جيڪڏهن ڪا ڳئون مينھن ڪنھن کي پالڻ ڏبي ته اڌ بائٺي ڪري ڪري ڏبي، جنھن سان ڪانه ڪا condition شامل ٿيل ھوندي آھي جنھن جو لاڳاپو مال جي پالنا ۽ صورتحال سان هوندو آھي ته به ان لاءِ اھو ٻول ڪَتب آندو ويندو آھي.