بائيڪاٽ

رضاڪارڻہ طور تي ڪنھن شيء جي استعمال ڪرڻ، خريد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، يا ڪنھن شخص، تنظيم، يا ملڪ سان قطع تعلق ڪرڻ

بائيڪاٽ (انگريزي ٻولي: boycott) هي لفظ 1800ع جي ويجهو آئرلينڊ جي هڪ انگريز عامل ڪپتان چارلز سي بائيڪاٽ (Boycott) جي نسبت سان پنهنجي موجوده معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. بائيڪاٽ فرد، گروهه، قوم مصنوعات جوٿي سگهي ٿو. هن مان مراد اهو معاشي يا معاشرتي يا نسلي مقاطعه آهي جيڪو ڪنهن فرد يا جماعت جي طرف کان ٻئي فرد يا جماعت جي خلاف ڪيو وڃي. مصنوعات جي صورت ۾ ان جي درآمد ۽ خريداري بند ڪئي ويندي آهي. ڪپتان بائيڪاٽ لارڊ ارن (Erne) جو مختيار ڪار هو. هو لارڊ ارن جي هارين تي ايتري ته سختي ڪندو هو جو آس پاس جي ماڻهن کي هن سان نفرت ٿي وئي ۽ انهن ان سان ۽ هن جي خاندان سان هر طرح جو تعاون ۽ ميل جول ختم ڪيو. ان کانپوءِ جنهن سان به اهو سلوڪ ڪيو ويو اهو ڄڻ ”بائيڪاٽ“ ٿي ويو.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.