بائجي شريف پني عاقل کان ٻه ڪلو ميٽر اولهه تي نوراجا روڊ تي هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي جتي ڌاريجا، ميراڻي، ڀٽا، ڪلهوڙا، دايا ۽ مڱڻهار ذات جا ماڻهو رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ هونئن ته وڏا وڏا استاد، عالم، حڪيم، فنڪار ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن, پر ڳوٺ جي عظمت جي اهڃاڻ درگاهه شريف آهي. جتان خليفي محمد صالح صاحب عام خلق لاءِ رشد ۽ هدايت جو سلسلو شروع ڪيو. چون ٿا ته خليفو صاحب ايترو ته متقي، پرهيزگار ۽ صاحب شريعت هو، جو حضرت تاج محمود امروٽي صاحب پاڻ اچي بائجي ڀرسان ڳوٺ گگل ۾ کيس معرفت جي ڄاڻ اتان ئي عطا ڪئي. روحاني امانت سپرد ڪئي بائجي شريف ۾ روحانيت جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. مولانا محمد صالح طرفان اهو فيض عام ۽ خاص لاءِ 1942ع تائين جاري رهيو. پاڻ عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. کيس تفسير ۽ منطق تي خاص ملڪو حاصل هو. جيتوڻيڪ پاڻ ڪٿان به باقاعدي فارغ التحصيل نه هو. خليفي صاحب جو استاد مولوي عبدالله ڀٽو هو. بائجي شريف ۾ باقاعدي مدرسو قائم ڪيائين. جتان ڪيترا ناميارا عالم نڪتا، جن ۾ مولوي عبدالمجيد لنجار، فقير ولي محمد، ميان صابل شاهه، حاجي نظام الدين ۽ ٻيا شامل آهن. خليفي صاحب جي عقيدت مندن ۾ڪيترن قبيلن جا ماڻهو شامل هئا. درگاهه بائجي شريف کي وڌيڪ دوام ۽ شهرت خليفي صاحب جي لائق فرزند ميان عبدالستار بخشي، جيڪو 1929ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي والد صاحب جي وفات (1942ع) وقت 12 سالن جو هو، گاديءَ تي ويٺو ۽ جلد ئي پنهنجي بصيرت، ڏاهپ ۽ روحاني فيض سان سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقبول ٿيو. ميان صاحب هاليجوي شريف جو مريد هو. سندس هاڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وئي ۽ هزارين ماڻهو سندس مريد ۽ عقيدت مند بڻيا. سندس روحاني فيض جو اهو عالم هو، جو بائجي شريف ۾ هر جمعي تي ساڻس ملڻ لاءِ ايندڙن جو ميلو متل هوندو هو. وقت جا ڪامورا، وڏيرا ۽ جاگيردار به سندس عقيدت واري حلقي ۾ شامل هئا. هو ماڻهن جي ڪم نه ايندو هو ۽ ماڻهو پنهنجا ذاتي ڏک سک ساڻس ونڊي دعا حاصل ڪندا ۽ مسئلا حل ڪرائيندا هئا. وڏي سياسي بصيرت جو مالڪ هو. سياستدان سندس سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين هوندا هئا. ميان صاحب پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم به هو.[1]