’سنت‘ يعني عادت يا دستور. اصطلاحاً پيغمبر -اسلام- صلي -الله- عليه وسلم جو طريقهءِ عمل، جنهن کي احاديث ۽ (فعلي) چيو ويندو آهي. مسلمانن جي گهڻائي انهن کي واجب العمل مڃي ٿي ۽ اهي -اهل- سنت يا سُني چوائين ٿا. انهيءَ ڪري صحيح حديثن ۽ قرآني احڪامن جي تعبير ۽ تفصيل، جيڪي فقہ جا مستند -امام- يا ماهر علماءَ جي قياس ۽ اجماع امت تي مبني آهن، -اهل- سنت جي مذهبي دستورالعمل جو جز بنجي ويا آهن.[1]