مشهور قومي اڳواڻ ۽ اديب قاضي فيض محمد جو ناول ”-اڻڄاڻ-“، سندس ٽيون نمبر ناول آهي. هن کان اڳ سندس ٻه ناول ”-جنسار-“ ۽ ”-ٻاويهه سؤ ٻاويهه-“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، -اپريل- 1993ع ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 40 رپيا آهي. هن ناول جو بنيادي نقطو اهو آهي ته انساني ارتقا ۾ سڄي دنيا جي سماج ۾، شروع کان -انسان- جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ۽ سنڌ وارن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ وارن جيڪو امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي، اهو به هن ناول ۾ موجود آهي ته هن سنڌ ۽ سنڌين مان ڪهڙيون اميدون رکيون آهن، -ان- جون جهلڪيون به هن ناول ۾ ڄاڻايل آهن.[1]