شاعريءَ ۾ اڳڪٿي يونان ۾ شاعرن کي پيغمبر ۽ پيش بين بہ چيو ويندو هو، سندن شاعريءَ ۾ موجود مستقبل جي شعور سبب انهن ۾ اڳڪٿيون بہ هونديون هيون. شاعريءَ ۾ مستبقل ۾ پيش ايندڙ واقعن بابت پيشن گويون سنڌي دنيا جي شاعريءَ ۾ بہ موجود آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ سمن جي دور سان وابستہ ماموئي فقيرن ۾ سمن جي حڪومت جي خاتمي بابت اڳ ڪٿيون ڪيون ويون هيون.

مثال طور: هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڃندي ٻنڌ اروڙ بھ مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي

اهڙي طرح عبدالرحيم گرهوڙيءَ (1739-1778ع) جي پيشنگوئي بہ مشھور آهي، جنھن کي عالم رد ڪن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.