هي ڪتاب نئين ٽهيءَ جي شاعر -اياز- رضويءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب ۾ صرف غزل شامل آهن، جيڪو اميشا پبليڪيشن نئين ڪوٽ پاران سال 2005ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب پڪي جلد، ڊيمي سائيز ۽ 136 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي، جڏهن ته -تاج- -بلوچ-، وفا ناٿن شاهيءَ، سيد ماڪن شاهه رضويءَ، حنيف عاطر، امر ساھڙ ۽ نصير مرزا جا رايا به ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.[1]