اگربتي:(Incense):هڪ قسم جي وڻ جي خوشبوءِ دار ڪاٺي، جيڪا -ٻارڻ- سان خوشبوءِ ڏيندي آهي، عام طرح ماڻهو -اگر بتي- درگاهن، مزارن، قبرن ۽ گهرن ۾ خوشبوءِ لاءِ ٻاريندا آهن، سنڌ ۾ جابلو ايراضيءَ ۾ -اگر- جا ننڍا ننڍا -ٻوٽا- ٿيندا آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص خوشبوءِ ڪانه هوندي آهي. هن ڪاٺيءَ کي ”اکر“ به چيو وڃي ٿو.[1]

بنگلور جي بازار ۾ وڪري لاءِ پيل اگربتيون
Burning incense stick and its smoke

انگريزيءَ جو لفظ انسينس (incense) لاطيني لفظ انسينڊر incendere مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي سڙڻ.اگربتيء جو استعمال قديم مصر ۽ بابل ۾ بہ ٿيندو ھو. يونان ۽ روم ۾ اگربتي جو استعمال بابل کان ڦھليو. سنڌ جي قديم تھذيب ۾ به اگربتي جو استعمال ٿيندو ھو موھن جي دڙي مان اگربتي جا برنر پڻ مليا آهن[2]انڊيا ۾ اگربتي جو استعمال اوڀر ايشيا کان پھتو. مزھبي عبادتن ۾ اگربتي جي استعمال جي ابتدا چين 2000 ق.م. ۾ ڪئي.[3]


اگربتي ٺاھڻ ۾ استعمال ٿيندڙ جزا (تصوير ۾ کاٻي کان ساڄي ۽ مٿان کان هيٺ)مڪو پائوڊر (Machilus thunbergii) بورنيول Borneolڪافور camphor (Dryobalanops aromatica )سماترا Sumatra، بينزوئن Benzoin (Styrax benzoin),اوماني Omani frankincense (Boswellia sacra), Guggul (Commiphora wightii), Golden Frankincense (Boswellia papyrifera), نئين دنيا جو تولو بلاسم the new world Tolu balsam (Myroxylon toluifera) from South America, Somali myrrh (Commiphora myrrha), Labdanum (Cistus villosus), Opoponax (Commiphora opoponax)۽ اڇي سندل جي ڪاٺي جو ٻورو (Santalum album)

حوالا سنواريو