اڪڙ
اِڪَڙ (انگريزي: Ikarr plant) هي ٻوٽو سخت زمين ۾، جتي پاڻيءَ جي مار گهڻي هوندي آهي، اتي اُڀرندو آهي. لس ئي لس وڌندو ويندو آهي، ست-اٺ فوٽ ڊگهو ٿئي. ان جي ڇوڏن ۾ تاندورا ٿين. ماڻهو اهي تاندورا ڪڍي گڏ ڪن، ان کي اڪوارو چون، جنهن مان رَسا، ولوڙن جا نيترا ۽ کٽن جي واڻ ٺاهين. هي مضبوط ٻوٽو آهي ۽ پارڪر ۾ گهڻو ٿئي ٿو.[1]هيءُ ٻوٽو عام طرح سڄي سنڌ جي، ٻنين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ ٻوٽو سخت زمين ۾ جتي پاڻيءَ جي مار هوندي آهي، اُتي اُڀرندو آهي. ست، اٺ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. پارڪر جي علائقي ۾ جام ٿيندو آهي. هن جي ڇوڏن ۾ تاندورا ٿيندا آهن، جن کي ڪڍي، گڏ ڪري، اُن مان رسا ۽ نوڙيون وٽي، کٽن لاءِ واڻ ٺاهيندا آهن. اَڪڙ کي ”-ايڪڙ- “ بہ چون ۽ هاري ڪلر ۽ سم واريءَ زمين ۾ خاص ڪري پوکيندا آهن ڇو تہ هي ٻوٽو ڪلر ۽ سم کي چوسي ٿو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن -ايڊيشن: ٽيون، سال: 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.
- ↑ اڪڙ : (Sindhianaسنڌيانا)