اڪول- جو وڻ سنڌ جي جابلو علائقن ۾ ٿيندو آهي. -ان- جي اوچائي 30 کان 40 فوٽن تائين ٿيندي آهي. -ان- جي ننڍين ٽارين تي سخت ڪنڊا هوندا آهن، پر وڏيون ٽاريون ڪنڊن کان خالي هونديون آهن. وڻ جي -ٿڙ- ۽ ٽارين جو رنگ سفيد ٿيندو آهي. گل چٻاڙڻ سان -ٿورو- ڪڙو لڳندو آهي، جنهن سان دل ڪچي ٿيندي آهي. هن جا پن آڙوءَ جي پنن سان ملندڙ جلندڙ هوندا آهن، پر -ان- وانگر نوڪدار نه هوندا آهن. هن جو ميوو ڄمونءَ کان ننڍو ٿيندو آهي ۽ پچي ڄمونءَ وانگر ٿي ويندو آهي، پر -ان- جو ذائقو ڦڪو هوندو آهي. -اڪول-، آفيم جو ترياق (-اوتار-) آهي. جيڪڏهن ڪو شخص آفيم زهر جي مقدار ۾ کائي يا ايترو کائي جو نشو تمام گهڻو ٿي وڃيس ته -اڪول- جي ڪاٺي، پاڻيءَ ۾ گهوٽي پيارڻ سان آفيم جو اثر بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو، پر -ان- ڪم لاءِ اندر واري سخت ڪاٺي کڻبي آهي، جيڪا ڳاڙهي ۽ ڪِٺُ ٿئي ٿي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته کير پياڪ ٻارن جي سوڪڙي لاءِ به، هي مفيد ۽ بهترين دوا آهي.