اڪشي ڪمار

ھندوستاني فلم اداڪار

پيدائشي نالو راجيوَ ھري اوم ڀاٽيا (انگريزي: Rajiv Hari Om Bhatia)، پيدائش 09 سيپٽمبر 1967ع)[1]، پيشي طور اڪشي ڪُمار جي نالي سان ڄاتو ويندڙ، ھندوستان ڄائو ڪئناڊوي اداڪار[2]، فلم پيشڪار، مارشل آرٽسٽ ۽ ٽيليويزن شخصيت آھي جيڪو باليووڊ ۾ ڪم ڪندو آھي. اُوڻٽيھن سالن جي پيشيور زندگيءَ ۾ ھن 100 کان مٿي فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي جنھن لاءِ ھن ڪيترائي اعزاز پڻ ماڻيا آھن، جن ۾ بھترين اداڪار لاءِ ھڪ نيشنل فلم ايوارڊ ۽ ٻہ فلم فيئر ايوارڊ شامل آھن. ھندي سئنيما جي سڀني کان وڌيڪ ڪامياب اداڪارن ۾ ھن کي پڻ ڳڻيو وڃي ٿو[3][4]. سندس 113 فلمن مان 52 فلمون تجارتي طرح ڪامياب رھيون آھن. ھي پھريون باليووڊ اداڪار ھو جنھن جي فلمن 2013ع ۾ 20 ارب ھندوستاني رُپين کان وڌيڪ ڪمايو ۽ 2016ع ۾ 30 ارب ھندوستاني رُپين کان وڌيڪ ڪمايو.[5][6][7]

اڪشي ڪُمار

اڪشي ڪمار 2015ع ۾
پيدائش راجيوَ ھري اوم ڀاٽيا
سيپٽمبر 1967 (عمر 56 سال)
امرتسر، پنجاب، انڊيا
رھائش ممبئي، مھاراشٽر، انڊيا.
قوميت انڊو- ڪئناڊين
پيشو اداڪار، فلم پروڊيوسر
سَرگَرمُ سالَ 1991– ھيستائين
جيون ساٿي ٽوئنڪل کنا (شادي: 2001ع)
ٻار ٻچا 2
رشتيدار راجيش کنا (سھرو) ڊمپل ڪمپاڊيا (سس)
اعزاز بھترين اداڪار لاءِ نيشنل فلم ايوارڊ (فلم: "رُستم" 2017ع لاءِ)

پدم شري (2009ع) مزاحيہ اداڪاري لاءِ فلم فيئر ايوارڊ (فلم: "گرم مسالا" 2006ع لاءِ)

بھترين منفي اداڪاري لاءِ فلم فيئر ايوارڊ (فلم: "اجنبي" 2002ع لاءِ.

حوالا سنواريو