== ايران جي پهرين عورت پائلٽ اڪرم منفرد آريا جنهن جي زندگي مسلسل جدوجهد رهي ! ==


تحرير: ذاڪر لغاري سنواريو

زندگي ۾ هر انسان تي لاهه چاڙها ايندا رهندا آهن ان دوران ثابت قدميءِ سان جدوجهد ڪرڻ وارو حوصلو ٻيهر ڪاميابي ۽ ڪامراني تي پهچائي ڇڏيندو آهي ته ڪن کي وري ٻيهر اٿڻ جي مهلت به ناهي ملي سگهندي. ڪي ڪردار زندگي جي جنگ ۾ ناڪام رهي به دنيا جي اُفق تي ڪامياب ترين بڻجي ويندا آهن ته ڪن جي نصيب ۾ آيل فتح به شڪست ۾ لکجي ويندي آهي. اهڙن حادثاتي واقعن ۾ ڪٿي جيڪر اهڙا امتحان ڪنهن عورت جي حصي ۾ ايندا آهن ته عام حالتن تي ٻيهر سريکو ٿيڻ لاءِ ان کي ٻيڻ تي جستجو توڙي محنت ڪرڻي پوندي آهي. اهڙا تاريخي واقعا نه رڳو سنڌ پر دنيا جي هر خطي ۾ موجود آهن. جن پاڻ پتوڙي زندگي جي نئين شروعات بلڪل ٻُڙي کان ڪئي. پري نٿا وڃون ايشيا کنڊ سان تعلق رکندڙ توڙي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ايران سان تعلق رکندڙ اڪرم منفرد آريا نالي هڪ اهڙي عورت جي زندگي پڻ فطري ۽ غير فطرتي حادثن سان ڀرپور آهي جنهن کي پوري دنيا ۾ شهنشاهه ايران جي دور حڪمراني ۾ پهرين خاتون پائلٽ طور اعزاز حاصل ٿيو. جنهن جي زندگي به اهڙن لاهن چاڙهن توڙي ڪاميابين ۽ ناڪامين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪٿي هو هڪ مجبور ماءُ جي صورت ۾ پنهنجن ٻارن لاءِ بک ختم ڪرڻ لاءِ مزدوري ڪرڻ ضروري ٿي سمجهي ته ڪڏهن هو پنهنجي زندگي جا حسِين پل اهڙي شاهاڻي انداز سان گهاري ٿي جيئن شاهي محلن ۾ رهندڙ اپسراهن جي زندگي. ڪٿي هو ٿڪل ٽٽل جسم سان ضعيف ٿي ويندي آهي ته ڪن حالتن ۾ هو فولادي ارادن سان پاڻ کي حوصلو ڏئي ٻيهر وقت سان ائين مهاڏو اٽڪائيندي آهي ڄڻ ته ڪو حادثو ٿيو ئي نه هجي. ته ڪڏهن هو حالتن اڳيان بيوس بڻجي رات پاليءِ ڪندي ڪنهن بئڪري تي ڪم ڪندي پنهنجا هٿ ساڙائي اوجاڳا ڪندي نظر اچي ٿي. زندگي جي اهڙن حادثن هن کي مصوري ڪرڻ سيکاري ۽ ڪينواس تي پنهنجا درد ۽ اڌما رنگن جي مدد سان اهڙي نموني پيش ڪري ٿي جو ڏسڻ وارن کي حيرت زده ڪري ٿي ڇڏي. ڪڏهن هو شاعره بڻجي پنهنجي زندگي جا اُڌما نظم توڙي شاعراڻي انداز ۾ احساس بيان ڪري شهرتن جي بلندين تي پهچائي ٿا ڇڏينس، ته ڪٿي هو ڪامياب ليکڪه ۽ ڪهاڻيڪار بڻجي پنهنجي سموري وارتا کي هڪ ناول جي شڪل ۾ آڻي زندگي خوبصورت هجڻ جو اعتراف ڪري ٿي. ڪڏهن هو جهازن تي چڙهي ستن آسمانن ۾ آڪاش جي وُسعت جو سير ڪري ٿي ته ڪڏهن هو زمين تي بس ۽ ٽرڪ جي ڊرائيوري ڪرڻ کان به نٿي مُڙي. ڪٿي هو پنهنجي ماتر ڀوميءِ واري سرزمين تي ناز ڪندي نطر ايندي آهي ته ڪڏهن هو جلاوطنيءِ جو روڳ کڻي 38 سالن ۾ بيواهه بڻجي دربدريءِ جو شڪار ٿي وڃي ٿي جنهن کي پناهه گير جانور پڻ سڏيو ويو. بلڪل ائين ئي اڪرم منفرد آريا جي زندگي جا مختلف پهلو اهڙا ته دلچسپ آهن جو عرش توڙي فرش تي فقط هن جي نصيب ۾ آيا. هن جو جنم اونهاري جي اس ساڙيندڙ گرم ڏينهن ۾ 15 جولائي 1946ع تي ٿيو، هو پنهنجي ماءُ پاران پهرين ڌيءِ جو اولاد جڏهن ته هن جي انجنيئر پيءُ پاران چئن ٻارن ۾ ٽيون نمبر ڌيءِ جو اولاد هئي. سندس والد جي هن جي ماءُ سان ٻيءِ شادي هئي. جيڪو شادي بعد ماسڪو روانو ٿي ويو اتان پوءِ استنبول ويو جتي هن آرڪيٽيڪٽ ۾ گريجوئوشن ڪري ٻيهر جڏهن ايران واپس آيو ته ٽيءِ شادي ڪري جرمنيءِ جي تعاون سان تهران کي ڪئسپين سمنڊ سان ملائيندڙ عباس آباد ريلوي پل واري پروجيڪٽ ۾ مصروف ٿي ويو. اڪرم منفرد آريا جي ننڍي عمر ۾ ئي شادي ٿي وئي پيشي جي لحاظ سان سندس ٿيڻ وارو همسفر وڪالت جي ڪرت سان وابسته هو جنهن وٽ قانون جي مضمون ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري هئي جيڪو نوجواني واري عمر ۾ اچانڪ دل جي دوري پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن پويان پنهنجي اولاد ۾ هر هڪ علي، مينا، ريزا، مدجد ۽ عراج سان گڏ بيواه گهرواريءِ سوڳوار ڇڏيا. پنهنجي پائلٽ ٿيڻ واري ڪٿا بابت ٻڌائي ٿي ته اڪٽوبر 1974ع جي هڪ شام پنهنجي زندگي جي رفيق سان گهر جي ورانڊي ۾ ويٺي ٽي وي ڏسي رهي هئي ته اچانڪ هڪ اهڙي اشتهار تي نظر پئي جيڪو ”ايران رائل ائير ڪلب“ طرفان پائلٽ ٽريننگ ڪورس ۾ داخلا جي اعلان بابت هو. جنهن ۾ دلچسپي وٺندي هن تفصيل نوٽ ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو ڏنل ائڊريس تي پهچي وئي جتي موجود آفيسر ”ڪرنل افشعار“ هن کان انٽرويو وٺي سڀني شرطن تي پوري لهڻ واري پاليسي مطابق اهل قرار ڏئي داخلا ڏني. اڪرم منفرد آريا پنهنجي پائلٽ بڻجڻ واري شروعاتي تربيت جو مرحلو بنا اُڏام انجڻ وارن جهازن يعني گلڊرس کان ڪيو. جتي ٿوري ئي عرصي اندر هو اڏام ڪندڙ سنگل توڙي ڊبل انجڻ رکندڙ جهازن جي پرواز ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هن جي اهڙي تڪڙي ڪارڪردگي توڙي محنت کي ڏسي ”دوشن تائپي فلائيٽ اسڪول“ طرفان شهزاديءِ فاطمه پهلويءِ جي اعتراضن باوجود ايران جي پهرين خاتون پائلٽ وارو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. جهاز اُڏامڻ واري تربيت مڪمل ڪرڻ بعد هو 1979ع واري انقلاب تائين جهازن جي پرواز ڪندي رهي. ان دوران ڪيئي ڀيرا هن کان اهڙي ڪارنامي ملڻ تي انٽرويو ورتا ويا، نه فقط ايران پر جرمني ۽ آمريڪا جي مکيه اخبارن ۾ توڙي عورتن جي سلسله وار رسالن ۾ هن جون تصويرون ڇپجڻ لڳيون. ريڊيو ۽ ٽي وي تي هن جي شهرتن جا چرچا ٿيڻ لڳا ۽ پذيرائي ملڻ جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو ايتري تائين جو ڪيترن ئي مئگزين جي صفحن تي هن جون تصويرون ڇاپيون ويون. جنهن تي ان وقت جي ڪمانڊر ان چيف جنرل راعبي ملاقات ڪري هن جي ذهانت توڙي محنتن کي داد ڏيندي رائل ائير ڪلب ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، بعد ۾ جنرل راعبي کي انقلاب وقت تخته دار حوالي ڪري ڦاهي ڏني وئي. وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جهڙيون ناهن رهڻيون ان ڪري هن فيصلو ڪيو ته هو پائلٽ هئڻ سان گڏ بس ۽ ٽرڪ هلائڻ جو ڊرائيوري لائيسنس حاصل ڪرڻ پڻ ضروري سمجهيو ۽ هو ان سلسلي ۾ جڏهن لاڳاپيل آفيس ۾ آزمائشي امتحان ڏيڻ لاءِ پهتي ته اتي موجود مرد ڊرائيورن هن کي ڏسي حوصلا افزائي ڪرڻ بجائي بس ۽ ٽرڪ هلائڻ واري پيشي کي ڏکيو ۽ مشڪل قرار ڏيندي هن مٿان ٽوڪ ڪرڻ لڳا. هن کي اهو چئي نظر انداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بس ۽ ٽرڪ ڪاهڻ صرف مَرد جي وس جي ڳالهه آهي هڪ عورت اهڙو ڪم ڪري ئي نٿي سگهي. جنهن تي هن زور ڀريندي آزمائشي امتحان وٺڻ لاءِ اتي مقرر انچارج آفيسر کي مجبور ڪيو جنهن جي اجازت تي هو وڏي بردباري سان بس ۽ ٽرڪ هلائي سڀني کي آزمائشي چڪاس ۾ حيران ڪري ڇڏيو ۽ آخر ڪار هن کي 1983ع جي بهار مند ۾ ٽرڪ ۽ بس هلائڻ جو ڊرائيوري لائيسنس جاري ڪيو ويو. آريا چاهيو پئي ته هو ايران جي مثاليءِ عورت بڻجي ٻين عورتن کي حوصلو ڏئي اڳيان آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي. شادي ٿيڻ کان پوءِ توڙي پنجن ٻارن جي ماءُ ٿيڻ بعد هن ٻيهر ”رائل ايويشن ڪلب“ ۾ جهازن جي اڏام بابت وڌيڪ پڙهڻ شروع ڪري ڏنو. جتي هو گلڊرس لائيسنس حاصل ڪرڻ بعد ساڳئي سال ”غاليمورگي اسڪول“ وئي جتي سنگل ۽ ڊبل انجڻ وارن وڏن هوائي جهازن جي اڪيلي سر 14 ڪلاڪن جي شاندار پرواز ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب رهي. ان کان علاوه اتي جي تربيت جو ٻيو مرحلو ڏينهن ۽ رات اڏام تي مشتمل هو. جيڪو مختلف شهرن مٿان پرواز ڪرڻ شامل هو جنهن ۾ شهر تبريز، شهر ڪرمان شاهه، شهر احواز، اصفحان، ۽ شهر راشت شامل هئا جن مٿان ڏينهن رات اڏام ڪري هن اها منزل به آساني سان طئي ڪري ورتي. هن جي چئن سالن جي اُڏام واري تجربي ۾ 150 ڪلاڪ ساڻ هڪ انسٽرڪٽر جڏهن ته 50 ڪلاڪ اڪيلي سر پرواز ڪرڻ شامل آهي. تربيت جي آخري مرحلي ۾ هن کي زميني تربيت پڻ ڪرڻي هئي جنهن ۾ ائيروڊائنامڪس، انجڻ ۽ ان جا خاص پرزا، ميٽيورالاجي، نيوي گيشن ۽ انگريزي مضمون پڻ پڙهايا ۽ سيکاريا ويا جيڪي هن سڀئي محنت توڙي دلچسپي سان پاس ڪري ورتا ۽ اتان هڪ مڪمل پائلٽ وارو لائينسس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. هن جي اها تربيت مڪمل ٿيڻ بعد فوري طور ٻن نوڪرين جي آڇ ڪئي وئي. جن ۾ پهرين آڇ ڪمرشل جهاز جي ڪَو پائلٽ ٿيڻ جڏهن ته ٻي آڇ رائل ايوي ايشين ڪلب ۾ بطور انسٽرڪٽر مقرر ٿيڻ شامل هئي. هن اڃان ڪنهن هڪ ۾ شموليت بابت سوچيو ئي پئي ته ان وقت تڪڙي انقلاب جي لهر اٿڻ شروع ٿي وئي ۽ وڌيڪ پنهنجي اهڙي پيشي کي جاري ڪري نه سگهي جنهن تحت حالات ايترا ڀيانڪ ۽ ابتر ٿي ويا جو قتل و غارت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو جنهن ۾ هن کي ڏيهه نيڪالي ڏئي پنهنجن ٻارن سان جلاوطن ڪئي وئي ۽ سوئيڊن ۾ پناهگير بڻجي رهڻ لڳي. هن نٿي چاهيو ته مهاجر بڻجي ڪنهن ڌاريي ملڪ وڃي پنهنجي نئين شناخت بابت جدوجهد ڪري. هو انقلاب جي نالي ۾ ٿيندڙ ظلمن جو شڪار رهي ۽ اڄ به جيترو پنهنجي ماتر ڀوميءِ ايران سان پيار ڪري ٿي اوتري ئي محبت هن جي نئين سڃاڻپ ڏيندڙ وطن سوئيڊن سان به آهي. جنهن ملڪ هن جي زندگي بچائي ۽ لکين ايرانين کي پناهه ڏني. هن ڪڏهن به جلاوطن ٿيڻ نٿي چاهيو پر پنهنجي سِر جو سانگو ۽ ٻارن جي بهتر مستقبل خاطر هن کي اهڙو فيصلو مڃائڻ لاءِ مجبور ڪيوويو. جتي هن ايران ۾ هڪ زندگي وڃائي، اتي هن سوئيڊن ۾ ٻِي زندگي جي شروعات کي لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي وانگي شروع ڪرڻ ۾ بهتر سمجهيو. هن کي پنهنجو پاڻ تي ويساهه هو جنهن تي هو ناز ڪندي هئي. هو هڪ ڪامياب عورت پائلٽ کان علاوه بين القوامي تجارتي ڪمپنيِ ۽ ٻن انشورنس ڪمپنين جي صلاحڪار پڻ رهي. هن جي خوشگوار زندگي جا پرمسرت لمحا انقلاب وقت پرزا ٿي هوائن ۾ وکرجي ويا ۽ هن جي گهر جي گهٽين اڳيان رت جا درياهه وهڻ لڳا سندس ۽ ٻارن جي مستقبل جو فڪر بعد جي ڳالهه پر حياتي پڻ داءُ تي لڳي وئي. ڪنهن اڏامندڙ آزاد پکي جي کنڀڙاٽين جيان هن جا پَر ڪٽيا ويا ۽ هو هڪ رات ۾ لٽجي ڦرجي لکَ پتي مان ڪَک پتي بڻجي وئي. هن کي هر شئي تان هٿ کڻڻو پيو ملڪيت توڙي اثاثا هونئن به هميشه گڏ ناهن رهڻا پر سندس مڙس، خاندان ۽ وطن کان به ڏور وڃڻو پئجي ويو. 1985ع ۾ جڏهن نئين ملڪ سوئيڊن آئي هئي ته ان وقت وڃائجي ويل ڪنهن ٿڪل هاريل ۽ مجبور عورت جيان اداس اڪيلي ۽ خالي هٿين هئي جنهن جي سامان واري هَڙ ۾ فقط پوئين زندگي جي يادن واريون ڳٺڙيون ۽ ڪجهه فخريه لمحن جون ساروڻيون جيڪي نئين ڍنڱ سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن به طرح ڪم نٿي اچي سگهيون. جتي نئون ديس اوپرا ماڻهون ۽ ڌاريِ ٻولي سامهون هجي اتي شناخت ٺاهڻ ۽ زندگي جو نئون آغاز بنهه محنت طلب ڪم. هو پنهنجا اٽل ارادا کڻي سوئيڊن ۾ پنهنجي ذات ٺاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم جي مسافت واري سفر تي هلڻ شروع ٿي وئي. ان وقت هن سان چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد پڻ گڏ هئا. اتي پهچندي ئي سڀ کان پهرين هن رهڻ لاءِ جڳهه جي ڳولا شروع ڪئي. هن ڪڏهن به پاڻ سان ٿيل اهڙي سلوڪ تي سوڳ نه ڪيو هن جي عاليشان زندگي توڙي اڏيل خواب جيڪي سڙي ڪنهن رک جو ڍير بڻجي چڪا هئا تن بابت هاڻ هن وٽ افسوس ڪرڻ جيترو به وقت ميسر نه هو. بنا ڪنهن ساٿ ۽ سهاري جي هن ڏيهاڙي تي مزدوري ڪرڻ شروع ڪري ڏني جتي هن کي مزدوري ڪرڻ کان اڳ اها ڄاڻ به نه هئي ته اجنبي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن مزدور جي اجرت ڪيتري مقرر ٿيل هوندي آهي. هن سوئيڊن جي سَميلينڊ بئڪري ۾ رات جي شفٽ ۾ بريڊ / نانَ جي ڳٺڙين ٻڌڻ واري ڪم کي لڳي وئي. بئڪري ۾ ڪم دوران مزيدار ۽ لذيذ سواد جي خوشبو ائين محسوس ڪندي هئي جيئن هو پنهنجي ڇڏيل گهر ۾ سڀني ڀاتين سان گڏ ويهي صبح جي ناشتي توڙي مانجهاندي وقت طرح طرح جا طعام ٺاهيندي محسوس ڪندي هئي. رات جي ٻاٽ ۾ گهڻي دير تائين ڪم دوران ٿڪاوٽ ۾ شديد آرام جي ضرورت محسوس ٿيڻ تي هو بئڪري جي ورانڊي ۾ گهڙي کن لاءِ آرام جون پنڪيون کائي تازو توانو ٿي ويندي هئي. مزدوري جو اهو سلسلو ٻن سالن تائين جاري رهيو جتي بغير سڪون ۽ آرام جي پورهيو ڪندي رهي. ڪنهن ڪنهن رات بئڪري جي تندور مان نڪرندڙ گرم نانَ هن جي هٿن کي ساڙڻ لڳندا هئا پر ڪم جو اڪلاءُ توڙي تڪڙي آرڊر جي صورت ۾ تيزي سان ڳٺڙيون ٻڌڻيون پونديون هيون. جتي ملازم پاڻ ۾ گفتگو ته ڇا پر ڪم بابت رهنمائي لاءِ پُڇاڻي تي به منع هئي. ان دوران بئڪري جو ڳاڙهي مٿي وارو ٿلهو ڍِيٽ ۽ بي ڊولو حليو رکندڙ فورمين جنهن جي ڪير به شڪل ڏسڻ ته ڇا پاسي ۾ بيهڻ نه ڏيندو هجي، هر وقت رعبدار ۽ وڏي آواز ۾ سخت لهجي سان دڙڪا ۽ ڇڙٻون ڏيندي جلدي جلدي ڪم پورو ڪرڻ جون هڪلون ڪندو رهندو هو. اهڙي ماحول ۾ ڪڏهن ڪڏهن آريا پاڻ کي اهڙي جنگي سپاهي جيان سمجهندي هئي جنهن کي سوگهو ڪري سوڙهيِ ۽ تنگ جڳهه ۾ واڙي ان مٿان ايستائين تشدد ٿي رهيو هجي جيستائين هو ڪيل ڏوهن جي سزا نه باسي واري حالت جيان محسوس ڪندي هئي. اهو فقط ان لاءِ نا پسنديده محسوس هر گز نه ٿيندو هو ته ڪير ڪم کان لنوائي رهيو آهي پر ان فورمين جو رويو بلڪل برداشت کان مٿي لڳندو هو. ڳچ عرصي بعد هن جي هڪ پٽ (علي) کي هڪ ڪارخاني ۾ ويلڊر جي نوڪري ملي ٻيو پٽ (مدجد) هاءِ اسڪول پڙهي رهيو هو، ٽيو پٽ (اراج) سيڪينڊري جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو ۽ چوٿين پٽ (ريزه) مختلف ادارن ۾ نوڪري جون درخواستون ڏيڻ شروع ڪيون. جڏهن ته ڌيءِ ڪئنيڊا ۾ اڪيلي سر ڪٺن زندگي گهاري رهي هئي. هن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي هاڻ باقاعده شروعات ڪئي سدائين آزاد زندگي گذارڻ وارو انسان گهڻي دير ڀلا ڪنهن جي غلامي برداشت ڪري سگهندو. سوئيڊن ۾ قيام دوران هن کي بئنڪ طرفان قرض ڏيڻ واري سهوليت لاءِ اهل ثابت ڪيو ويو جتان قرض کڻي هن ڀائيواري تي ننڍڙو ڪيفي کوليو جنهن ۾ هو پيزا ٺاهي وڪڻڻ لڳي. هن جو ڀائيوار ساٿي فقط منافعي جو ڌڻي هو جڏهن ته ڪيفي جا سڀ ڪم هن کي ئي ڪرڻا پوندا هئا ۽ هن جي اڪيلي هجڻ تي ان شخص جي غير مناسب رويي کي محسوس ڪندي آريا ان سان ڀائيواري وارو معاهدو ختم ڪرڻ بهتر سمجهيو ۽ اڪيلي ڪيفي هلائڻ لڳي. هڪ ڏينهن هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سوئيڊن جي مٽي هن کي پنهنجو ڪري رهي آهي، هڪ پائيلٽ ۽ پيزاگيريءِ جو ڪم هن کي عجيب ته لڳي رهيو هو پر هو مطمئن پڻ هئي. هن پنهنجي ماءُ جو جلاوطني بعد ٻيهر چهرو نه ڏسي سگهي جنهن جي لاڏاڻي واري خبر دفنائڻ بعد هن جي وڏي ڀيڻ فون تي ٻڌائي. هن جي زندگي ۾ ”آڪٽوبر“ جو مهينو ڏاڍو اهميت رکي ٿو. آڪٽوبر 1962ع ۾ مڱڻي ٿي. آڪٽوبر 1969ع ۾ هن کي بس ۽ ٽرڪ هلائڻ لاءِ ڊرائيوري لائيسنس مليو. آڪٽوبر 1974ع ۾ پائلٽ بڻجڻ وارو لائيسنس حاصل ڪيو. آڪٽوبر 1984ع ۾ پنهنجن ٻن پٽن کي ٻاهر اماڻيو ۽ آڪٽوبر 1985ع ۾ ئي هن کي جلاوطن ڪيو ويو. هن هڪ دفعو ٻيهر سوئيڊن جي ”بروما فلائيٽ اسڪول اسٽاڪ هوم“ مان جهاز پرواز ڪرڻ جو لائيسنس حاصل ڪيو جنهن بعد هن لاءِ ڪيترين ئي نوڪرين جا درواز کلڻ شروع ٿي ويا. اڪرم منفرد آريا ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪيتري ئي عرصي کان ڪندي رهي پر ماضي کي ياد ڪندي هن جي اکين جا بند ڀڄڻ لڳندا هئا ۽ هو جلدي ڪمپيوٽر بند ڪري تڪڙو ڪرسي تان اٿي ويندي هئي. ان دوران هن جون بنا آرام گهاريل راتيون، سندس ڏک ۽ تڪليفون ، آرزوئن ۽ جستجوئن توڙي اڪيلائي وارين گهڙين هن کي همت ڏني ۽ هن ڄاڻي ورتو ته زندگي هڪ تيز رواني جو نالو آهي جنهن کي رڪجڻ لاءِ ڪير به مجبور نٿو ڪري سگهي. هو جلاوطن رهي به ايراني عورتن لاءِ ”رول ماڊل“ جهڙي حيثيت رکڻ لڳي جنهن ڪري هن جي آتم ڪٿا ايرانيءِ عورتن جي تنظيم براءِ جدوجهد ۽ تحريڪ طرفان ڇپائي وئي جنهن جي اعزازي ڪاپي ايران جي عورتن جي مامعلن واري وزير مهناز افخمي طرفان پنهنجا تاثراتي ويچار لکي اماڻي وئي. 1990ع ۾ لاس اينجلس آمريڪا جي هڪ مئگزين کي انٽرويو ڏيڻ جي آڇ آئي جنهن کي هن قبول ڪيو. اهو انٽرويو اڳتي هلي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ واشنگٽن مان 1995ع ۾ ڇاپيو ويو. ان ئي سال هن جي آتم ڪٿا جا قصا آمريڪا جي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو هڪ وسيح تجربو رکندڙ خاتون پائلٽ طور سڃاڻپ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ان ڪري ئي ان ڇپيل ڪتاب جو عنوان پڻ ” وشال تجربو رکندڙ عورت پائلٽ“ طور رکيو ويو. هن جي زندگي جا ڪيئي پاسا آهن جن ۾ هو ڪامياب ٿيندي آئي آهي. اپريل 1999ع ۾ هن جو پهرين شاعري جو مجموعو ” پيار جو پڙاڏو“ ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته هن جو ٻيو ڪتاب هڪ ناول جي صورت ۾ ڇپاڻو جنهن ۾ ايراني عورتن جي زندگي جا حقيقي پهلو اجاگر ڪيل آهن. بطور شاعر ۽ ليکڪه: 1998ع ۾ هن رومانوي نظم ۽ مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جڏهن ته لکڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ڪيو پر وقت جي رفاقت هيٺ اهو سلسلو ٽٽيءَ چڪو هو جنهن کي هن ٻيهر اجاريو. هن جو لکيل ڪتاب ” پيجوڪ اي عشق“ يعني ” پيار جو پيغمبر“ اپريل 1999ع ۾ سوئيڊن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو جنهن ۾ هن پنهنجي جنم ڀومي، عليحدگي ، دربدري ۽ عورتن جي سياسي حقن توڙي محبت بابت احساسن جو تذڪرو ڪيو آهي. هن جو ٻيو ڪتاب ” سرگوزشتي پري“ يعني پريءِ جو تذڪرو جنهن ۾ عورتن جي غلامي ۽ محڪومي بابت رايا ۽ ويچار شامل آهن هي ڪتاب پڻ 2000ع ۾ سوئيڊن ۾ ڇپايو ويو. هن جو لکيل ناول ” انيتا “ جنهن ۾ هن حقيقي داستان جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اکين ڏٺو احوال ۽ زندگي سان پيش آيل حادثن بابت هڪ نوجوان ڇوڪري سان ناروا ۽ جنسي استحصالي واري ايذائيندڙ واقعن تي قلم کنيو آهي. پڙهندڙن جي اسرار تي هن ناول کي آخر ڪار 2016ع ۾ آئين لائين ڪيو ويو. هيستائين هن جا ٽن ٻولين ۾ 15 ڪتاب لکيل آهن جن ۾ فارسي، سوئيڊش ۽ انگريزي ٻولي شامل آهي. ان سان گڏوگڏ آريا ڪيترن ئي ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي ٿي، هو ٻاراڻي ادب ۾ ٻاراڻيون ڪهاڻيون پڻ لکي ٿي ۽ ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جي اعزازي ميمبر توڙي سوئيڊن جي ليکڪ اتحاد جي ميمبر پڻ آهي. ان کان علاوه هو ادبي توڙي عورتن جي پروگرامن ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان گهرائي ويندي آهي. 2002ع ۾ ”ڪستا لائبريري اسٽاڪ هوم“ پاران روڪ انعام سان نوازيو ويو. هن جا ڇپايل ڪتاب نه رڳو سوئيڊن جي لائبريرين ۾ موجود آهن پر نيدرلينڊس، جرمني ۽ آمريڪا جي وڏين لائبريرين ۾ پڻ محفوظ آهن. بطور مصوره : مصوري جي ابتدا هن 2007ع کان ڪئي ساڳئي سال هن ”برقاگارڊن ڪاليج“ مان مصوري سکڻ جو ڪورس پڻ ڪيو. هن جي مصوري جا رنگ فطرت توڙي عورتن جي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. سندس تخليق ڪيل فن پارن جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نمائش ڪئي وئي جولائي 2007ع ۾ دنيا جي ستن وڏن مصورن سان گڏ لينيئس جي 300 هين ورسي ۾ نمائش ٿي جتي هن ڀيٽا طور پنهجا ٺاهيل ناياب فن پارا اتي جي مقامي ميونسپالٽي کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيا. جنوري 2008ع ۾ هن جي ٻيءِ نمائش اسٽاڪ هوم جي ”حسبي آرٽس هال“ ۾ ٿي. جولائي 2008ع ۾ هن جي 52 فن پارن جي نمائش ڪئي وئي جيڪي ڪاغذي، آئل پئنٽگز ، چارڪول ۽ واٽر ڪلر جي مدد سان ڪينواس جي نمونن تي مشتمل هئا. ان کان علاوه هن جا ريڊيو تي ڪيترائي ڀيرا انٽرويو نشر ڪيا ويا، هو سوئيڊن جي جنرل آرٽ ايسوسيئيشن جي ميمبر پڻ رهي. فيبروري 2002ع ۾ هن کي هڪ ڏينهن ڪنهن اڻ ڄاتل عورت جي ڊنمارڪ مان فون آئي جنهن پنهنجو نالو ”سيمون آبرگ ڪيرن“ ٻڌايو جيڪا هڪ ئي وقت بطور پائلٽ ، تخليقڪار ۽ فلمساز جهڙي پيشي سان وابستگي رکندي هئي ۽ آريا جي زندگي توڙي دنيا جي سڀني پائلٽ عورتن بابت مختصر فلم ٺاهي رهي هئي ان سلسلي ۾ آريا سان پڻ رابطو ڪيو. جنهن جي خواهش تي ئي سيمون جي ذاتي جهاز ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڪرم منفرد آريا آزاد فضا جي پربتن ۾ موٽي آئي هئي، ٻيهر عرش جي حدن کي تلاش ڪرڻ لڳي هئي ۽ پنهنجا سمورا بار زمين تي ڇڏي آزاد پکيءِ وانگي وادين ۽ ماٿرين مٿان وروڪڙ کائي رهي هئي جن منظرن کي سيمون فلمبند ڪري رهي هئي ۽ اها مختصر فلم هڪ نمائش ۾ ڏيکاري وئي جنهن تي هن کي اعزازن سان نوازيو ويو. هن جي فارسي شاعري مان چونڊ سٽون آهن. تور اديدم ميان قطره اشگم، که از چشمم روان غلطيده برگو نه کنون ديگر جدا افتادي از يادم ، کنون تنها و آواره اسير پنجه بادم اڪرم منفرد آريا جي لکيل شاعري جي ڪتاب ” آڪاش جي ڪا سرحد ناهي “ جيڪو 2005ع ۾ ڇپيو ان مان چونڊ سٽون. تو جيڪر ڏک ڄاڻي ورتا منهنجا،ڄڻ حوصلا خطا ٿي چڪا منهنجا طويل عرصي کان ائين ئي ٿي رهيو آ، برداشت جي حد کان به اڳتي سٺم خدا واحد ٿو ڄاڻي فقط ! اڪيلي مونسان ئي ٿي رهيو آ ائين ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڀوڳيان پئي، زندگي به آ روڳ بڻجي وئي نصيب به تضادن سان الجهندا رهيا، تمنائن جي سهاري رڳو ساهه ئي بچيو آ بس !! (ترجمون ليکڪ) آريا کي محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن هڪ اهڙي تخم سان واسطو رکي ٿي جنهن کي ڪرائڻ لاءِ جبل ۽ ماٿرين جي وچ ۾ تيز هوائن گهيري ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو هر وقت ٿاٻڙندي ئي رهي ٿي ڪجهه گهڙين جي آرام خاطر سوئيڊن جي برف آهڻيءِ ترڪائيندڙ سرزمين تي هيٺ لهي پئي آهي. پر هن جا حوصلا خطا ناهن ٿيڻا ۽ هو زمين تي پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ واري عزم تحت ڳاٽ اوچو رکي پنهنجن پيرن تي مضبوطي سان اٿي بيهڻ خاطر سراپا جستجو ۾ آهي. ڪنهن نئين ڄاول ٻار جي اکين جيان آهسته آهسته هن جا پڏر پڻ مٿي کڄڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ کان هزارين سوچون مَن ۾ رکي سوال ڪندي آهي ته هن جو سِر ڳورو ٿي ويندو آهي اکين مان وهي نڪرندڙ لڙڪ پيرن جي آخري سرحد وٽ رڪجي انهن سوالن جا جواب گهرندا آهن ته زندگي ذليل مرحلن مان ڇو گذري ؟، ڪنهن جو قصور آهي؟، ڇا ڪنهن اڻ پڙهيل حڪمران جي ڪُسمپرسي جهڙي جهالت وارن ڪرتوتن جو نتيجو آهي؟، قدرتي وسيلن جي موجودگي ۾ مغرب جا سامراج تيل ۽ گئس تي ڦرلٽ واري پاليسي هاڃو رسايو آهي؟ ، يا دنيا جي حرص ۽ لالچ حق غضب ڪري رهي آهي ؟، قسمت ڪيئن ڦِٽي؟ انهن سان دوکو ۽ بي وفائي دانشورن ۽ پڙهيل ڪڙهيل طبقي ڪيوجيڪي جنونين جا ٻانهن ٻيلي بڻجي انهن جي صفن ۾ بيٺا رهيا؟، جلاوطنيءِ جي ذميواري ڪنهن تي آهي ڪميون اڳواڻن تي يا مجاهدن ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ سياستدانن تي ؟، پر افسوس انهن سوالن جا اڄ تائين هو ڪڏهن به مطمئن ڪندڙ جواب پاڻ کي نه ڏئي سگهي.