اڪانوري يوئس يوگي

جاپان جو آرڪيالاجي ماهر، اڪانوري يوئس يوگي (Akinori UesUgi) سنڌ سڀيتا جي تحقيق سان لاڳاپيل رهيو آهي. يوگي جاپان جي ڪانسائي يونيورسٽي اوساڪا مان 1994ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، پوءِ ساڳي يونيورسٽي مان 1997ع ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ 2003ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. پاڻ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق دوران ئي پارٽ ٽائيم نوڪري طور ڪانسائي يونيورسٽيءَ ۾ 2002ع کان 2006ع تائين پڙهائيندو به رهيو. پاڻ هن وقت ڪيوٽو يونيورسٽي جاپان جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر ۾ ريسرچ فيلو آهي. کيس قديم آثارن خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ جاپان جي آرڪيالاجي بابت مهارت حاصل آهي.

يوئس يوگي سنڌو سڀيتا تي 1991ع ۾ تحقيق جي شروعات ڪئي. هن 1991ع کان 1998ع تائين اتر پرديش ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ مهيٽ (سرسوتي/هاڪڙو) ۾ حصو ورتو. هن پاڪستان جي صوبي خيبر پختون خواهه ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ گومال تي 2003ع ۾ تحقيق ڪئي. راجسٿان ۾ 2006ع کان 2008ع تائين سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳ فارمانا جي کوٽائي ۾ حصو ورتو.

پاڻ ڪيوٽو يونيورسٽي جي جي انڊس پراجيڪٽ (RIHN)ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر ۾ به اوساڊا توشيڪي سان گڏ تحقيق ۾ شامل رهيو ۽ ان پراجيڪٽ جو ميمبر رهيو. ان پراجيڪٽ جو مقصد سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ ماحولياتي تبديلين بابت تحقيق ڪرڻ هئي. هن انڊس پراجيڪٽ تحت سنڌو ماٿريءَ تي پنج سال تحقيق ڪرڻ کان پوءِ 9 جلد ترتيب ڏئي پنهنجا مقالا ڇپايا آهن. [1] [2]

  1. Office 365 Login | Microsoft Office
  2. سنڌو سڀيتا جا محقق، ليکڪ: رڪ سنڌي