اڪالي
ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي -تاريخ-“ موجب ”ڪال“ معنيٰ وقت، ”اڪال“ معنيٰ ”لازمان “ (Timeless) جي حوالي سان آهي. اهو ايشور جو هڪ صفاتي نالو آهي. ايشور جي نڪا آد نڪا آنت آهي، تنهنڪري ”اَڪال“ سڏجي ٿو. جيڪو ماڻهو رڳو اڪال پرک کي مڃي ٿو، اهو ئي ”-اڪالي-“ ڪوٺجي ٿو. ”-اڪالي-“ عام طرح ”خالصا“ سڏبا آهن. ”خالصا“ لفظ جو مطلب آهي اهڙي زمين جا نجي طرح سرڪار جي ملڪيت هجي ۽ جنهن تي ڪنهن به جاگيردار يا زميندار جو ڪو به حق نه لڳندو هجي.“ -اڪالي- پاڻ کي اڪال پرک (ايشور) جي خلاصي ملڪيت سمجهندا آهن ۽ مٿن ٻئي ڪنهن به ديوتا جو ڪو به حق ڪونه لڳي. اهو ئي سبب آهي جنهنڪري -اڪالي- ”واهگروءَ جا خالصا“ سڏبا آهن. حقيقت ڪري اڪالين جو ٻين خالصن کان ڌار فرقو آهي ۽ اهي ”نهنگ“ ڪوٺبا آهن. ”نهنگ“ (سنگ، سنسڪرت نهه سنگ) معنيٰ ”جنهنجو ڪنهن سان به سنگ يا لاڳاپو نه هجي“ اهي ڪل مرجاتا، لوڪ مرجاتا ۽ دنيا جا سڀ واسطا ڇڏي، پنهنجو -تن-، من ۽ ڌن گروءَ -تان- قربان ڪرڻ لاءِ هردم تيار هوندا آهن، تنهنڪري ”نهنگ“ ڪوٺبا آهن. اڪالي يا خالصا گروءَ جا سک آهن. سک ڌرم جو بنياد گرو نانڪ صاحب وڌو هو، جنهن 1469ع ۾ -اوتار- ڌريو هو. سنڌ ۾ سک ڌرم ڦهلائڻ لاءِ گرونانڪ صاحب ڪراچيءَ تائين به آيو هو ۽ هاڻوڪي رتن تلاءِ وٽ اچي رهيو هو، انهيءَ پوتر اسٿان تي گرو صاحب جي درٻار ٺهيل آهي. اورنگزيب -بادشاهه- جي وقت ۾ سندس مقرر ڪيل عملدار مسلمانن وٽان زڪوات ۽ غير مسلمانن وٽان -جزيو- (ڍل) اوڳاڙيندا هئا. گرو گوبند سنگهه جي حڪم پٽاندر سکن انهيءَ ڍل ڏيڻ کان نابري واري، ته ساڻن سختيون ٿيون، جي ڪجهه ڏينهن ساندهه هليون. سري گرو گوبند سنگهه پنهنجي وقت جون حالتون ڏسي، اڪال پنٿ -جاري- ڪيو. سکن ۾ ڌرم جو انگ وڌايائين ۽ منجهن ملٽري مزاج اهڙو ڦوڪيائين جو پنجاب جي سکن جي ڪايا پلٽ ٿي پئي. اهڙا ته طاقتور ٿيا جو پنجاب جي مسلمان حاڪمن کان حڪومت کسي، پنهنجي بادشاهي برپا ڪيائون، جنهنڪري پوءِ مهاراجا رنجيت سنگهه پنجاب جو حاڪم ٿيو. اڄ به سک پنهنجي خاص مزاج سبب دنيا ۾ مشهور آهي. اڪال پنٿ ڦهلائڻ لاءِ گرو گوبند سنگهه پنهنجا پرچارڪ -اتر- سنڌ ۾ موڪليا هئا، جنهنڪري اتي لاڙڪاڻي ۽ ٻين هنڌن تي هر هڪ گهر مان هڪڙو نه ٻيو پاڻ کي ”سنگهه“ سڏائيندو آهي ۽ پوءِ ڀلي ته ڪيس ڌاري هجي يا نه. خالصن جون پنج نشانيون آهن هڪ ڪيس (وار)، ٻيو ڪنگو، ٽيون ڪنگڻي، چوٿون ڪڇو ۽ پنجون ڪرپان، اهي سڀ لفظ ”ڪ“ اکر سان شروع ٿين ٿا.[1]