اکين تي ٻڌڻ لاءِ ڪپڙو. اٺ يا ڍڳي کي نار، هرلي يا گهاڻي ۾ وهائڻ لاءِ -ان- جون -اکيون- ٻڌڻ ضروري هونديون آهن، ڇوته انهن ۾ وهندڙ جانور کي فطرت جي خلاف گول ڦرڻو هوندو آهي جي سندس -اکيون- کليل هونديون ته اهو جانور گول ڦرڻ بدران فطري طور تي سامهون سڌو هلڻ شروع ڪندو، جنهنڪري نار، هرلو يا گهاڻو ڦري ڪونه سگهندو، پر جي وهٽ جون -اکيون- ٻڌل هونديون آهن ته پوءِ هو جيتوڻيڪ ڦرندو ته گولائيءَ ۾ پيو آهي، پر اکين ٻڌل هئڻ جي حالت ۾ سمجهندو ائين آهي ته سڌو ۽ سامهون پيو هلان. اها گول ڦرڻ واري چال جانور کي ڏاڍي ڏکي لڳندي آهي ۽ هو جلد ئي ٿڪجي بيزار ٿي پوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو