سنڌ جو قديم قدرتي واهه، جيڪو سيوهڻ جي ڀر ۾ منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ - -اوڀر- ڪنڊ تي آهي. هن کي ’اڙل نديءَ‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ اهو سنڌو درياھ ۽ منڇر ڍنڍ کي ڳنڍيندڙ واهه سنڌو درياھ جو پراڻو وهڪرو آهي. هن وهڪري سبب منڇر وجود ۾ آئي جنهن کي بعد ۾ ايرل نالي انگريز جي نالي پويان ايرل سڏيو ويو. اڳتي هلي ان جو اچار اڙل بڻجي ويو. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ جڏهن سنڌو درياهه ۾ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن هيءُ واهه واڌو -پاڻي- منڇر ڍنڍ کي مهيا ڪندو آهي ۽ وري جڏهن منڇر ڀرجي ويندي آهي ۽ درياهه ۾ به لاٿ هوندي آهي، تڏهن هيءُ واهه، منڇر جو -پاڻي- درياهه ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ ڇنڊڻ طور استعمال ٿيندو آهي. مغربي محققن ۽ سياحن انهيءَ تي حيرت ظاهر ڪندي لکيو آهي ته اهو عجب اسرار آهي، جو هڪ واهه يا نديءَ کي ابتو وهڻو پوي ٿو. -اڙل واهه- جي ڊيگهه ذري گهٽ 30 ميل آهي. هن وقت اهو منڇر مان نڪري سيوهڻ شهر وٽ سنڌو درياهه ۾ داخل ٿئي ٿو. اڙل واهه اوترو ئي قديم آهي، جيترو سنڌو درياهه ۽ منڇر ڍنڍ قديم آهن. قديم دؤر ۾ هن کي ’اڙل ندي‘ چوندا هئا. هي آڳاٽي دؤر کان ئي سنڌوءَ ۽ منڇر وچ ۾ رابطي جو ذريعو رهيو آهي. 1959ع ۾ آمريءَ جي دڙي جي کوٽائيءَ مان انهيءَ قديم نديءَ جي وهڪري جا نشان مليا آهن، جيڪا آڳاٽي وقت منڇر مان نڪرڻ بعد سيوهڻ واري قلعي جي -اتر- ۽ -اوڀر- کان ڦري، ڏکڻ طرف لڪيءَ وٽان ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي، اڳتي -اوڀر- طرف وڌي وڃي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. چاڙهه واريءَ موسم ۾ -اڙل- واهه، سنڌو درياءَ مان 5 لک ڪيوسڪ -پاڻي- منڇر کي مهيا ڪندو هو. سکر بئراج ٺهڻ کانپوءِ -اڙل- وٽ هڪ ٻيو هٿراڌو واهه کوٽائي -ان- تي ريگيوليٽر هنيو ويو آهي، ته جيئن منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ضابطي ۾ رکجي.[1]