وجوان ليکڪ شوڪت چاچڙ جو لکيل ڪتاب، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان نومبر 2008ع ۾ شايع ٿيو ۽ ”ڪُل سنڌ ٻالڪ ميلي“ جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ هاءِ اسڪول سطح جي ٻارن جي دلچسپي ۽ -اصلاح- تي مشتمل 9 بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. روايتي انداز کان هٽي ڪري هنن ڪهاڻين ۾ جدت ۽ دلچسپ مڪالمن جو سٺو استعمال ڪيو ويو آهي -جن- ۾ دوستي، سماجي اوڻاين، -تعليم-، استادن ۽ بزرگن جي قدر کي پڻ موضوع بڻائي واقعن ۽ خوبصورت ڊائلاگن سان بيان ڪيو ويو آهي. 76 صفحن جي چار رنگي ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 75 رپيا لکيل آهي.[1]