اپويد (Upved) ثانوي علم. چئن ويدن جا ضميما. پُراڻ. ويدن جي ضميمن کي ’اپ ويد‘ چيو ويندو آهي.[1] شانڪ چرناويا چئن اپويدن جو ذڪر ڪيو آهي:

  1. يجرويد ۾ شامل ڪيل اپويد ڌنورويدا جنھن جو مطلب تيراندازي جي فن آھي.
  2. اٿرويد ۾ شامل ڪيل اسٿپتيا ويدا جنھن جو مطلب عمارت سازيءَ جو فن آھي.
  3. سام ويد ۾ شامل ڪيل گنڌاروا ويد جنھن ۾ موسيقي جي فن جو ذڪر آهي.
  4. رگويد يا اٿرويد ۾ شامل ڪيل ايورويد جنھن ۾ دواسازي يا طب جو فن بيان ڪيل آهي.[2][3]

اُپويد (Subsidiary Vedas) چئن ويدن کان سواءِ چار اُپيد آهن. اهي ويدن سان لاڳو آهن، تنهن ڪري ويدڪ ساهت جي دفعي ۾ ليکجن ٿا، پر شريتون ڪري نٿا ليکجن، جو اهي ماڻهن جا جوڙيل آهن. ازان سواءِ انهن جو لاڳاپو دنوي ڳالهين سان آهي، تنهن ڪري ويدن کان انهن جو درجو گهٽ ليکيو ويو آهي. ”اُپويد“ لفظ جي اکري معنيٰ ئي آهي ”گهٽ درجي وارو علم“ (Inferior Knowledge) ايترو چئبو ته انهن اُپويدن مان چٽيءَ ريت سڌ پوي ٿي ته قديم ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽن هنڌن ڪيترن دنوي علمن ۾ چڱي ترقي ڪئي هئي. اُهي عدم هي آهن.

  • رگ ويد جو اُپويد ”ايؤر ويد“ (Medical Science) آهي، جنهن ۾ چرڪ، ششرت، واڪڀت وغيره گرنٿ آهن. انهن” بدن جي طاقت وڌائن، بيمارين کي روڪڻ ۽ مرض کان ڇٽڻ جا اُپاءَ ڏسيل آهن. اهڙيءَ ريت طب جي ڪتابن لکڻ جو رواج اول آرين وڌو. مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر ۾ جراح، طبيب ۽ حاذق حڪيم هوندا هئا. اڄ ڪالهه سنڌ ۾ جيتوڻيڪ يوناني حڪيم به آهن، ته به اسان جا سنڌي وئديه (ويڄ) پنهنجن ابن ڏاڏن واري هڪمت اڄ تائين ڀليءَ ڀت هلائيندا پيا اچن. ائين به اکين سان ڏٺو ويو آهي ته اسان جا ڪيترا ماڻهو انگريزي دوائن بدران يوناني ۽ آيور ويدڪ علاج وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جنهن ڪري ويڄن جو قدر سنڌ ۾ اڄ تائين آهي.
  • يجر ويد جو اپويد ”ڌنر ويد“ (Military Science) آهي. قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جنگي ڀاارا هئا، تن انهيءَ سائنس (وگيان) کي زور وٺايو، پر ٻوڌي زماني ۾ اهو ڀاؤ اسان جن ماڻهن مان نڪري ويو، جنهن جو نتيجو اڄ به اکين سان پسجي پيو.
  • سام ويد جو اپويد ”گنڌرو ويد“ (Music) آهي، جنهن جا ٻه ڀاڱا هئا: هڪڙو لوڪن جي دل وندرائڻ لاءِ، جنهن ۾ راڳ ۽ راڳڻيون هيون، ۽ ٻئي ۾ ويدڪ راڳ ۽ ويدن جا سُر ڏنل هئا. ائين گاين وديا قديم زماني ۾ ئي سڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ زور ورتو، جنهن ڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو، ۽ ٿر ۾ مئو“. هن وقت گائن وديا جو گهڻو چاهه سرحد سنڌ ۾، خاص ڪري شوقين شهر شڪارپور ۾ آهي.
  • اٿرو ويد جو اپويد ”اسٿاپيه ويد“ (Mechanics) آهي، جنهن ۾ شِلپ (ڪاريگري) ۽ ڪلا (هنر) جي وديا هئي. جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، جڙت جڙڻ، ڀرت ڀرڻ، لونگيون، کيس وغيره جوڙڻ ۽ ٻيا هنر سنڌ ۾ زور هئا.[4]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. "ORIGIN AND DEVELOPMENT OF AYURVEDA: (A BRIEF HISTORY)". US National Library of Medicine National Institutes of Health. Anc Sci Life. 1981 Jul-Sep; 1(1): 1–7. PMC 3336651. 
  3. Frawley, David; Ranade, Subhash (2001). Ayurveda, Nature's Medicine. Lotus Press. p. 11. https://books.google.com.np/books?id=aTIVnugZofsC&source=gbs_navlinks_s. Retrieved 6 January 2015. 
  4. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page28.html.  Missing or empty |title= (مدد)