منو ڀڳوان جي ٽئين مکيه پٽ جو نالو ”اِلا“ (Illa) هو، جنهن بابت چيل آهي ته هو پوءِ مرد مان ڦري زال ٿيو هو. اِلا جو ناميارو پٽ راجا پروروس هو، جنهن پرتيسٿان (هاڻوڪي الله آباد) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ چندرونسي گهراڻي (Chandravansi dynasty) جو بنياد وڌائين. انهيءَ گهراڻي وارا ”الا“ جو اولاد هئا، تنهنڪري ”آئل“ (اِلا جو اولاد) سڏبا هئا. اهي ئي ”آئل“ آريه لوڪ هئا، جن سنڌو ماٿر اچي وسائي. اهي ”آئل“ ڪٿان آيا؟ پراڻن پستڪن مان پڌرو آهي تہ آهي نڪي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، نڪي وچ ايشيا جا ويٺل هئا؛ پر سندن گهراڻي جو بنياد وجهندڙ راجا پروروس ميرو پربت کان هماليا جبل (Himalayan heights) وارا لَڪَ لتاڙي هندستان ۾ آيو هو. مسٽر پارجيٽر ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج، هندن جي پراڻن مان جيڪي تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن، تن ۾ ائين ئي ڄاڻايل آهي. [1][2][3]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-05 
  2. "What doies tradition say about the origin of the 'Ailas' or Aryans? It makes the Aila power begin at Allahabad, and yet distinctly suggests that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor pruravas Aila all connect him with the middle Himalayan region." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P. 297.
  3. ڪتاب: قديم سنڌ، ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي